پاڪستان عورتن بابت او آءِ سي وزارتي ڪانفرنس جي صدارت سنڀالي ورتي

اسلام آباد- 13 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان اسلام آباد ۾ منعقد عورتن بابت نائين او آءِ سي وزارتي ڪانفرنس جي صدارت سنڀالي ورتي آهي. سومر ڏينهن نائين او آءِ سي وزارتي ڪانفرنس دوران صدارت سنڀالڻ کان پوءِ قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان ان صدارت کي هڪ اهڙي ذميداري سمجهي ٿو جيڪا پوري اسلامي دنيا ۾ عورتن …

اسلام آباد- 13 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان اسلام آباد ۾ منعقد عورتن بابت نائين او آءِ سي وزارتي ڪانفرنس جي صدارت سنڀالي ورتي آهي. سومر ڏينهن نائين او آءِ سي وزارتي ڪانفرنس دوران صدارت سنڀالڻ کان پوءِ قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان ان صدارت کي هڪ اهڙي ذميداري سمجهي ٿو جيڪا پوري اسلامي دنيا ۾ عورتن جي زندگين کي بهتر بنائڻ لاءِ گڏيل خواهشن کي عملي قدمن ۾ تبديل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان تجربن جي مٽاسٽا کي هٿي ڏيندو، عملي سهڪار جي حوصله افزائي ۽ عورتن کي بااختيار بنائڻ جي گڏيل عزم کي اڳتي وڌائيندو. هن چيو ته پاڪستان عورتن جي حقن، موقعن ۽ قيادت کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پنهنجي قانوني، پاليسي ۽ اداره جاتي فريم ورڪ مسلسل بڻائي رهيو آهي. هن چيو ته اسان عورتن جي قيادت، مالياتي شعبي ۾ سندن شموليت ۽ ڪاروبار کي هٿي ڏئي رهيا آهيون، ڊجيٽل فرق کي ختم ڪري رهيا آهيون، انصاف تائين آساني پيدا ڪري رهيا آهيون ۽ ڪم جي ماڳن تي محفوظ ۽ وڌيڪ سازگار ماحول پيدا ڪري رهيا آهيون. اعظم نذير تارڙ چيو ته اسان جي اجتماعي ڪوششن کي يقيني بڻائڻو آهي ته ڪابه عورت يا ڇوڪري تڪرار، غربت ۽ عدم مساوات سبب پوئتي نه رهي. ان موقعي تي عورتن بابت مصر جي قومي ڪائونسل جي صدر امل عمار پنهنجي خطاب ۾ وفاقي وزير کي عورتن بابت نائين او آءِ سي ڪانفرنس جي صدارت سنڀالڻ جي دعوت ڏني.