قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران قطر جي اڳوڻي امير شيخ حمد بن خليفه آل ثاني جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس

اسلام آباد- 13 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، قطر جي اڳوڻي امير شيخ حمد بن خليفه آل ثاني جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سومر ڏينهن شوريٰ ڪائونسل قطر جي اسپيڪر حسن بن عبدالله الغنيم جي نالي خط ۾ هن قطر جي اڳوڻي امير جي لاڏاڻي تي دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته شيخ حمد بن خليفه آل …

اسلام آباد- 13 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، قطر جي اڳوڻي امير شيخ حمد بن خليفه آل ثاني جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سومر ڏينهن شوريٰ ڪائونسل قطر جي اسپيڪر حسن بن عبدالله الغنيم جي نالي خط ۾ هن قطر جي اڳوڻي امير جي لاڏاڻي تي دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته شيخ حمد بن خليفه آل ثاني جون خدمتون قطر، مسلمان امت ۽ عالمي امن لاءِ هميشه ياد رکيون وينديون. شيخ حمد بن خليفه آل ثاني جي بصيرت قيادت، قطر کي عالمي سطح تي اعليٰ مقام ڏياريو. اسپيڪر پاڪستان جي پارليامان ۽ عوام طرفان قطر جي قيادت، شوريٰ ڪائونسل ۽ عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستاني عوام ۽ پارليامنٽ ڏک جي هن گهڙي ۾ قطر جي قيادت ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪن ٿا. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ قطر جا ڀائپي وارا لاڳاپا گڏيل احترام ۽ اعتماد تي ٻڌل آهن. اسپيڪر، الله تعاليٰ کان شيخ حمد بن خليفه آل ثاني جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.