سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 3800 رپين جي گهٽتائي رڪارڊ

اسلام آباد- 13 جولاءِ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 3800 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 29 هزار 736 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سومر ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 3 هزار 800 رپين جي گهٽٽائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 29 هزار 7 سئو 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 3258 رپين …

اسلام آباد- 13 جولاءِ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 3800 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 29 هزار 736 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سومر ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 3 هزار 800 رپين جي گهٽٽائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 29 هزار 7 سئو 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 3258 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 3 لک 71 هزار 687 رپين مان گهٽجي 3 لک 68 هزار 429 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 40 هزار 725 رپين مان گهٽجي 3 لک 37 هزار 738 رپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪئي ته في تولو چانديءَ جي قيمت 123 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 6339 ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 106 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 5434 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4111 ڊالرز مان گهٽجي 4073 ڊالرز ٿي وئي.