صدر پاران ٽانڪ ۾ پوليس اهلڪارن کي دهشتگرد حملي جو نشانو بڻائڻ جي مذمت

اسلام آباد - 13 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ٽانڪ ۾ پوليس اهلڪارن کي دهشتگرد حملي جو نشانو بڻائڻ جي شديد مذمت ڪندي شهيدن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. سومر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر حملي ۾ شهيد ٿيندڙ اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي شهيدن جي درجن جي بلنديءَ ۽ سوڳوار خاندانن جي لاءِ …

اسلام آباد – 13 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ٽانڪ ۾ پوليس اهلڪارن کي دهشتگرد حملي جو نشانو بڻائڻ جي شديد مذمت ڪندي شهيدن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. سومر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر حملي ۾ شهيد ٿيندڙ اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي شهيدن جي درجن جي بلنديءَ ۽ سوڳوار خاندانن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. هن چيو ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا بهادر اهلڪار ملڪ جي امن جي لاءِ نه وسارڻ جوڳيون قربانيون ڏئي رهيا آهن، پوري قوم انهن کي سلام پيش ڪري ٿي. صدر چيو ته ٻاهرئين سرپرستي ۾ سرگرم پاڪستان دشمن دهشتگرد عنصرن جا ڪڌا ارادا هر قيمت تي ناڪام بڻايا ويندا.