اسلام آباد - 13 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽانڪ وزيرستان روڊ تي پوليس جي گاڏي تي بم ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي حملي ۾ اي ايس آءِ سميت ٻن پوليس اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي درجن جي بلنديءَ ۽ گهرڀاتين جي لاءِ …
وزيراعظم پاران ٽانڪ وزيرستان روڊ تي پوليس جي گاڏي تي بم ڌماڪي جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد – 13 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽانڪ وزيرستان روڊ تي پوليس جي گاڏي تي بم ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي حملي ۾ اي ايس آءِ سميت ٻن پوليس اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي درجن جي بلنديءَ ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم بلوچستان ۾ آپريشن شعبان ۾ وڌيڪ دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي کي پڻ ساراهيو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته پوري ملڪ مان انهن دهشتگرد گروهن جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو. وزيراعظم چيو ته قوم پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون ڪڏهن به نه وساريندي، بيگناهه شهرين جي شهادت جو بدلو ورتو ويندو.









