اسلام آباد- 13 جولاءِ (اي پي پي) عالمي منڊين ۾ سومر ڏينهن ڪچي تيل ۽ جنسن جي قيمتن ۾ اضافو ۽ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي جو رجحان رهيو. بلوم برگ مطابق ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ جي قيمت ۾ 3.94 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، ان جا سودا 2.81 ڊالر اضافي سان 74.22 ڊالر في بيرل ۽ برينٽ نارٿ سي ڪروڙ جا سودا 3.95 سيڪڙو يا 3 ڊالر جي واڌ سان …
عالمي منڊي ۾ ڪچي تيل ۽ جنسن جي قيمتن ۾ اضافو، سون جي قيمت ۾ گهٽتائي رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد- 13 جولاءِ (اي پي پي) عالمي منڊين ۾ سومر ڏينهن ڪچي تيل ۽ جنسن جي قيمتن ۾ اضافو ۽ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي جو رجحان رهيو. بلوم برگ مطابق ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ جي قيمت ۾ 3.94 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، ان جا سودا 2.81 ڊالر اضافي سان 74.22 ڊالر في بيرل ۽ برينٽ نارٿ سي ڪروڙ جا سودا 3.95 سيڪڙو يا 3 ڊالر جي واڌ سان 79.01 ڊالر ۾ طئي ٿيا. رپورٽ مطابق سون، چانڊيءَ ۽ قيمتي ڌاتن جي قيمت ۾ گهٽتائي جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو. سون جي قيمت 48.90 ڊالر گهٽتائي کانپوءِ 4064.80 ڊالر في اونس ۽ چاندي جي قيمت 1.57 ڊالر گهٽجي 58.59 ڊالر تي اچي وئي. رپورٽ مطابق جنسن جي قيمتن ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو ۽ ڪڻڪ جي قيمت 0.25 ڊالر اضافي سان 640.50 ڊالر في بشل ۽ مڪئي جي قيمت 5.25 ڊالر وڌي 466.25 ڊالر في بشل ٿي وئي. اي پي پي/ م – ر / س – و / ج – پ 16:30










