نيويارڪ - 13 جولاءِ (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته پاڪستان اهم معاشي استحاڪم حاصل ڪري ورتو آهي، مهانگائي کي ڪنٽرول ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ڪيو آهي، موجوده حڪومت ڪاميابي سان ميڪرو اڪنامڪ فريم ورڪ کي مستحڪم ڪيو، ترقياتي خرچن کي تاريخي سطح تائين وڌايو ۽ ڪرنسي کي مستحڪم ڪيو. اها ڳالهه هن نيويارڪ ۾ پاڪستاني ڄاون آمريڪين کي …
پاڪستان اهم معاشي استحڪام حاصل ڪيو، مهانگائي تي ڪنٽرول ڪيو، روانگي واپار ۾ اضافو ڪيو آهي: احسن اقبال

مزید خبریں
نيويارڪ – 13 جولاءِ (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته پاڪستان اهم معاشي استحاڪم حاصل ڪري ورتو آهي، مهانگائي کي ڪنٽرول ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ڪيو آهي، موجوده حڪومت ڪاميابي سان ميڪرو اڪنامڪ فريم ورڪ کي مستحڪم ڪيو، ترقياتي خرچن کي تاريخي سطح تائين وڌايو ۽ ڪرنسي کي مستحڪم ڪيو. اها ڳالهه هن نيويارڪ ۾ پاڪستاني ڄاون آمريڪين کي خطاب دوران چئي. پاڪستاني قونصليٽ جنرل جي انتظام هيٺ ٿيندڙ ان تقريب ۾ دفاع واري اڳوڻي وزير خرم دستگير ۽ آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ، پاڪستاني ڪميونٽي جي ماڻهن، واپارين ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. وقتي قونصل جنرل عمر شيخ تقريب جا انتظام سنڀاليا. پروفيسر احسن اقبال بيحد مالي پريشاني جي دورن کان پوءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان جي معيشت کي مضبوط ٽرن ا رائونڊ تي روشني وجهندي چيو ته موجوده حڪومت ڪاميابي سان ميڪرو اڪنامڪ فريم ورڪ کي مستحڪم ڪيو، ترقياتي خرچن کي تاريخي سطح تي وڌايو ۽ ڪرنسي کي مستحڪم ڪيو. هن مئي 2025ع ۾ ڀارت سان 4 ڏينهن جي فوجي تڪرار دوران فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي شاندار ڪارڪردگي جو ذڪر ۽ پاڪستان جي ڪامياب سفارتي ٽياڪڙي تي به زور ڀريو جنهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ جنگ بندي تي اتفاق ٿيو، انهن ڪاميابين عالمي برادري ۾ پاڪستان جي وقار کي وڌايو، اهو اسان جي قومي تاريخ جو فخر جوڳو باب رهندو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ترقي ۽ معاشي اوسر جا هاڪاري رجحان پيدا ٿي چڪا آهن پر اسان کي مطمئن نه ٿيڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته عسڪري ۽ سفارتي ميدانن ۾ حق جي ويڙهه کٽڻ کان پوءِ ملڪ کي خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ پرعزم محنت سان ڪم ڪرڻو پوندو. ان سلسلي ۾ هن چيو ته اڏام پاڪستان 2035ع تائين پاڪستان کي هڪ ٽريلين ڊالر جي معيشت ۽ 2047ع تائين 3 ٽريلين ڊالرن جي معيشت ۾ تبديل ڪرڻ جو پرجوش ڊگهي مدي وارو منصوبو آهي. هن چيو ته فائيو ايز فريم ورڪ، آءِ ٽي ۽ زرعي جديد ڪاري تي ڌيان ڏيڻ سان ساليانو روانگي واپار کي 100 بلين ڊالر تائين وڌائڻ، معيشت کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ ۽ ٽيڪ تي ٻڌل انٽر پرينيورشپ کي وڌائڻ، بنيادي ڍانچي جي حفاظت لاءِ آبهوا ۾ لچڪ پيدا ڪرڻ، پائيدار، سستي ۽ اعتماد جوڳي بجلي جي نظام جي تخليق ۽ جامع ترقي کي هٿي ڏيڻ ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ تي ڌيان آهي. هن چيو ته جنهن شئي پاڪستان جي رخ کي حقيقي معنيٰ ۾ تباهه ڪيو اهو سياسي عدم استحڪام ۽ پاليسين ۾ هڪجهڙائي هجڻ نه آهي جڏهن ته حڪومتون بدلجي وينديون آهن ته ايندڙ حڪومتون سياسي بنياد تي اڳوڻن منصوبن کي ختم ڪري ڇڏينديون آهن، وڏين ڪوششن سان موجوده حڪومت استحڪام جي هڪ پئماني کي هٿي ڏيڻ ۾ ڪامياب رهي آهي. هن چيو ته سياسي لانگ مارچ ۽ ايجي ٽيشن جو وقت ختم ٿي چڪو آهي، پاڪستان کي هاڻي معاشي ميدان ۾ اڳيان وڌڻ جي ضرورت آهي، اسان جي پرڏيهي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ ملڪ کي خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ پاليسي جي تسلسل کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. وفاقي وزير ميڙاڪي تي زور ڀريو ته هو اختلافن کي ختم ڪن، اتحاد کي مضبوط ڪن ۽ ملڪ ۾ پنهنجو آواز بلند ڪن، اهڙين سرگرمين کان پاسو ڪن جن سان پاڪستان جو اميج خراب ٿئي. هن واپارين تي زور ڀريو ته هو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن. ان کان اڳ خرم دستگير خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان اڳيان وڌي رهيو آهي، ملڪ ترقي ڏانهن گامزن آهي.










