اسلام آباد - 13 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ فوج، ايف سي بلوچستان ۽ پوليس جو گڏيل آپريشن شعبان جاري آهي. تازين ڪارروائين دوران وڌيڪ 5 خوارجين جي مارجڻ کان پوءِ آپريشن شعبان ۾ مارجي ويل دهشتگردن جو مجموعي تعداد 76 ٿي ويو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز جون فتنه الخوارج خلاف علائقي ۾ موثر ڪارروائيون جاري آهن، سيڪيورٽي فورسز پاران خوارجين کي هوائي ۽ زميني ڪارروائين ذريعي نشانو …
پاڪ فوج، ايف سي بلوچستان ۽ پوليس جو گڏيل ”آپريشن شعبان“ جاري

مزید خبریں
اسلام آباد – 13 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ فوج، ايف سي بلوچستان ۽ پوليس جو گڏيل آپريشن شعبان جاري آهي. تازين ڪارروائين دوران وڌيڪ 5 خوارجين جي مارجڻ کان پوءِ آپريشن شعبان ۾ مارجي ويل دهشتگردن جو مجموعي تعداد 76 ٿي ويو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز جون فتنه الخوارج خلاف علائقي ۾ موثر ڪارروائيون جاري آهن، سيڪيورٽي فورسز پاران خوارجين کي هوائي ۽ زميني ڪارروائين ذريعي نشانو بڻايو پيو وڃي. تازين ڪارروائين دوران وڌيڪ 5 خوارجين کي ماريو ويو آهي. آپريشن شعبان ۾ مارجي ويل دهشتگردن جو مجموعي انگ 76 ٿي ويو آهي. پنج جولاءِ کان هن وقت تائين آپريشن شعبان ۽ ٻين انٽيلي جنس بيسڊ آپريشنز ۾ مجموعي طور تي 114 خوارجي دهشتگردن کي ماريو ويو آهي. سيڪيورٽي ذريعن چيو آهي، ته آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين بلوچستان ۾ آپريشن شعبان جاري رهندو.










