يوم شهداءِ ڪشمير1931ع جي شهيدن جون قربانيون آزادي واري تحريڪ کي هميشه زنده رکنديون: عبدالعليم خان

اسلام آباد-13جولاءِ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان يوم شهداءِ ڪشمير تي 1931ع  جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته 22 بهار ڪشميرين جون لازوال قربايون تاريخ جو اهو روشن باب آهن جنهن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. غاصباڻي قبضي خلاف ڪشميرين جو وهندڙ رت آزادي واري تحريڪ کي هميشه زنده رکندو.   پنهنجي خاص پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ڄمون …

اسلام آباد-13جولاءِ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان يوم شهداءِ ڪشمير تي 1931ع  جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته 22 بهار ڪشميرين جون لازوال قربايون تاريخ جو اهو روشن باب آهن جنهن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. غاصباڻي قبضي خلاف ڪشميرين جو وهندڙ رت آزادي واري تحريڪ کي هميشه زنده رکندو.   پنهنجي خاص پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ڄمون ڪشمير  تي غير قانوني ڀارتي قبضي خلاف پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان جبل جيئان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جو سلسلو هميشه جاري رهندو. هن واضح ڪيو ته ڀارت رياستي دهشتگردي ۽ ڏاڍ باوجود ڪشميرين جي خوداراديت واري حق کي دٻائڻ ۾ ڪڏهن به ڪامياب نٿو ٿي سگهي.  عبدالعليم خان چيو ته ڀارتي حڪومت پاران والاريل وادي جي آبادي شرح تبديل ڪرڻ جون سموريون سازشون ۾ ناڪام رهنديون.  هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ڪشمير ۽ پاڪستان جو رشتو لازوال آهي ۽ ٻنهي جي دل هڪ آهي گڏ ڌڙڪي ٿي. ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد  ضرور ۽ جلد رنگ لائيندي.