اسلام آباد - 13 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي 13 جولاءِ کي حق، قرباني ۽ استقامت جو عظيم ڏينهن قرار ڏيندي يوم شهداءِ ڪشمير تي 1931ع جي 22 شهيدن کي عقيدت جو سلام پيش ڪيو آهي. هن چيو ته ڊوگره راڄ جي ظلم خلاف آذان دوران حياتين جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن جو عزم اڄ به ڪشميرين جي حوصلي جي علامت آهي. گهرو وزير …
ڪشمير جي آزادي تائين هر عالمي فورم تي آواز اٿاريندا رهنداسين: محسن نقوي
اسلام آباد – 13 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي 13 جولاءِ کي حق، قرباني ۽ استقامت جو عظيم ڏينهن قرار ڏيندي يوم شهداءِ ڪشمير تي 1931ع جي 22 شهيدن کي عقيدت جو سلام پيش ڪيو آهي. هن چيو ته ڊوگره راڄ جي ظلم خلاف آذان دوران حياتين جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن جو عزم اڄ به ڪشميرين جي حوصلي جي علامت آهي. گهرو وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته 13 جولاءِ 1931ع جا شهيد پنهنجي رت سان حق ۽ صداقت جي جدوجهد کي نئون رخ ڏنو آهي، جيڪو اڄ به ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق کي نئين طاقت ۽ حوصلا عطا ڪري رهيو آهي. هن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ وادي جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڀارت جي غيرقانني ۽ غير آئيني قدمن ڪشمير کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي جتي ڊگهين پابندين ۽ گرفتارين ذريعي بنيادي آزاديون ختم ڪيون ويون آهن. محسن نقوي عالمي برادي ۽انساني حقن جي ادارن تي زور ڀريو ته هو ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ جاري ڀارتي جارحيت ۽ انساني حقن جي سنگين پائمالين جو نوٽيس وٺي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ڪشمير مسئلي جو پائيدار ۽ منصفاڻو حل صرف گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ڪشميرين جي امنگن موجب ئي ممڪن آهي. ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي، ڪشميري ڀائرن کي ڪنهن به موڙ تي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو ۽ آزادي تائين پاڪستان هر عالمي فورم تي ان جو موثر آواز بڻجندو رهندو.












