اسلام آباد - 13 جولاءِ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌي چيو آهي، ته يوم شهداءِ ڪشمير اسان کي انهن 22 عظيم شهيدن جي لازوال قربانين جي ياد ڏياري ٿو جن 1931ع ۾ حق، آزادي ۽ وقار خاطر پنهنجي حياتين جو نذرانو پيش ڪيو. سندن عظيم قربانيون ڪشميري عوام جي حوصلي، استقامت ۽ خدواراديت واري حق جي جدوجهد جو روشن ستارو آهن. انهن خيالن …
يوم شهداءِ ڪشمير اسان کي شهيدن جي لازوال قربانين جي ياد ڏياري ٿو: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري
اسلام آباد – 13 جولاءِ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌي چيو آهي، ته يوم شهداءِ ڪشمير اسان کي انهن 22 عظيم شهيدن جي لازوال قربانين جي ياد ڏياري ٿو جن 1931ع ۾ حق، آزادي ۽ وقار خاطر پنهنجي حياتين جو نذرانو پيش ڪيو. سندن عظيم قربانيون ڪشميري عوام جي حوصلي، استقامت ۽ خدواراديت واري حق جي جدوجهد جو روشن ستارو آهن. انهن خيالن جو اظهار هن يوم شهداءِ ڪشمير جي موقعي تي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته ڀارتي غيرقانوني طور قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ جاري ظلم، ڏاڍ، انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ۽ ڪشميري سڃاڻپ کي ختم ڪرڻ جي هر ڪوشش عالمي ضمير لاءِ هڪ چئلينج آهي. ڪشميري عوام جو عزم اڄ به ناقابل شڪست آهي. يوم شهداءِ ڪشمير جي موقعي تي اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن کي سلام پيش ڪيون ٿا ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيون ٿا ته پاڪستان انهن جي منصفاڻي جدوجهد لاءِ پنهنجي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت هر سطح تي جاري رکندو. الله تعاليٰ ڪشميري شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ ڪشميري عوام کي آزادي، امن ۽ انصاف جي منزل عطا فرمائي.












