ڄمون ڪشمير جي شهيدن جون آزادي واري تحريڪ لاءِ لازوال قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون: انجنيئر امير مقام

اسلام آباد - 13 جولاءِ (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران جي معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ڪشميري شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته ڄمون ڪشمير جي شهيدن پاڪستان جي محبت ۽ آزادي واري تحرڪ لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون، جن کي هميشه ياد رکيو ويندو. يوم شهداءِ ڪشمير تي جاري پيغام ۾ انجنيئر امير مقام چيو ته ڪشمير جي آزادي واري تحريڪ جي …

اسلام آباد – 13 جولاءِ (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران جي معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ڪشميري شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته ڄمون ڪشمير جي شهيدن پاڪستان جي محبت ۽ آزادي واري تحرڪ لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون، جن کي هميشه ياد رکيو ويندو. يوم شهداءِ ڪشمير تي جاري پيغام ۾ انجنيئر امير مقام چيو ته ڪشمير جي آزادي واري تحريڪ جي شهيدن جو ڪردار نه وسارڻ جوڳو آهي. سندن قربانيون ڪشميري عوام جي عزم ۽ استقلال جي علامت آهن، ڀارتي فوج ڊوگره فوج ۽ آر ايس ايس سان گڏجي 3 لک ڪشميرين کي شهيد ڪيو، اهي قربانيون تاريخ جو حصو آهن. انجنيئر امير مقام چيو ته شهداءِ ڪشمير جو رت رائيگان نه ويندو، انشاء الله ڪشميرين کي آزادي نصيب ٿيندي، پاڪسان هر حالت ۾ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي ۽ سندن سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. وفاقي وزير  دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ڪشمير جي شهيدن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ ڪشميري عوام کي آزادي جي منزل نصيب فرمائي. هن چيو ته 1931ع جي 22 ڪشميري شهيدن جون عظيم قربانيون تاريخ جو روشن باب آهن، جن کي ڪڏهن به نه ٿو وساري سگهجي.