دوحه- 13 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ اڳوڻو وزيراعظم محمد نواز شريف قطر جي هڪ ڏينهن جي دوري تي دوحه پهچي ويا آهن. دوحه ايئرپورٽ تي قطر جي نائب وزيراعظم ۽ دفاع واري مملڪتي وزير شيخ سعود بن عبدالرحمان بن حسن بن علي آل ثاني وزيراعظم محمد شهباز شريف، اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ پاڪستاني وفد جو استقبال ڪيو. وزيراعظم قصر لوسيل ڏانهن ويندو جتي …
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ اڳوڻو وزيراعظم محمد نواز شريف قطر جي هڪ ڏينهن جي دوري تي دوحه پهچي ويا
دوحه- 13 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ اڳوڻو وزيراعظم محمد نواز شريف قطر جي هڪ ڏينهن جي دوري تي دوحه پهچي ويا آهن. دوحه ايئرپورٽ تي قطر جي نائب وزيراعظم ۽ دفاع واري مملڪتي وزير شيخ سعود بن عبدالرحمان بن حسن بن علي آل ثاني وزيراعظم محمد شهباز شريف، اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ پاڪستاني وفد جو استقبال ڪيو. وزيراعظم قصر لوسيل ڏانهن ويندو جتي قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني سان ملاقات ۾ قطر جي اڳوڻي امير مرحوم شيخ حمد بن خليفا آل ثاني جي لاڏاڻي تي قطر جي امير، قطري شاهي خاندان ۽ قطر جي عوام سان تي تعزيت جو اظهار ڪندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن.












