اسلام آباد-13 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق يوم شهداءِ ڪشمير جي موقعي تي ڪشميري شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته ڪشميري عوام 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تي ٻڌل جدوجهد دوران پنهنجي بنيادي حقن ۽ خوداراديت واري حق جي حاصلات لاءِ لازوال قربانيون پيش ڪيون آهن، جن کي تاريخ ۾ هميشه احترام ۽ عقيدت سان ياد رکيو ويندو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران يوم شهداءِ ڪشمير تي ڪشميري شهيدن کي خراج عقيدت پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-13 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق يوم شهداءِ ڪشمير جي موقعي تي ڪشميري شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته ڪشميري عوام 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تي ٻڌل جدوجهد دوران پنهنجي بنيادي حقن ۽ خوداراديت واري حق جي حاصلات لاءِ لازوال قربانيون پيش ڪيون آهن، جن کي تاريخ ۾ هميشه احترام ۽ عقيدت سان ياد رکيو ويندو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان ۾ هن چيو ته ڪشميري شهيد حق، انصاف ۽ انساني وقار لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري تاريخ ۾ هڪ ناقابل فراموش باب رقم ڪيو آهي. اسپيڪر چيو ته يوم شهداءِ ڪشمير 13 جولاءِ 1931ع جي ان تاريخي واقعي جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي، جڏهن سرينگر سينٽرل جيل ٻاهران ڊوگره راج خلاف احتجاج ڪندي هٿين خالي ڪشميرين تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 22 ڪشميري شهيد ٿيا. هن چيو ته انهن شهيدن جون قربانيون ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق جي جدوجهد کي نئين جدت ڏني. هن چيو ته يوم شهداءِ ڪشمير اسان جي ڪشميري شهيدن جي قربانين کي ياد ڪرڻ ۽ حق، انصف ۽ انساني وقار جي اصولن لاءِ پنهنجي عزم کي مضبوط بڻائڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ به ان حوالي سان پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪندي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين خلاف متحد متفقه ٺهراءَ منظور ڪري عالمي برادري جو ڌيان ڪشمير مسئلي ڏانهن ڇِڪرايو آهي. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن ڪشميري عوام امن، آزادي ۽ خوشحالي جي فضا ۾ زندگي گذاري سگهندو ۽ انهن جي اکين ۾ وسيلا بهتر مستقبل جو خواب تعبير ماڻيندو. هن چيو ته ڪشميري عوام جي خوشحالي، ترقي، امن ۽ سڪون ئي خطي جي روشن مستقبل جو بنياد آهي. ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه پنهنجي پيغام ۾ چيو ته يوم شهداءِ ڪشمير ڪشميري عوام جي قربانين، عزم ۽ ثابت قدمي تي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته ڪشميري شهيدن جون قربانيون جرئت، استقامت، حق ۽ انصاف لاءِ جدوجهد جي لازوال داستان آهن. هن چيو ته ڪشميري عوام پنهنجي بنيادي حقن لاءِ غير معمولي عزم ۽ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ ڪشميري عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي ۽ ان ڳالهه تي يقين رکي ٿي ته ڪشميري عوام جي جائز امنگن جو احترام ۽ انهن جي بنيادي حقن جو تحفظ ئي خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جو بنياد آهي.










