اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان جي ميزباني ۾ انساني حقن واري وزارت جي انتظام هيٺ منعقد عورتن بابت او آءِ سي جي نائين وزارتي ڪانفرنس جي پهرين ڏينهن فني اجلاس منعقد ٿيو، جڏهن ته او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي وزيرن، اعليٰ عملدارن ۽ عالمي ادارن جي نمائندن وچ ۾ اهم ٻه طرفي ملاقاتن جو سلسلو به جاري رهيو. آچر ڏينهن انساني حقن واري وزارت مان جاري …
او آءِ سي جي عورتن بابت نائين وزارتي ڪانفرنس جي پهرين ڏينهن فني اجلاس، ڪانفرنس جي ايجنڊا جي منظوري

مزید خبریں
اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان جي ميزباني ۾ انساني حقن واري وزارت جي انتظام هيٺ منعقد عورتن بابت او آءِ سي جي نائين وزارتي ڪانفرنس جي پهرين ڏينهن فني اجلاس منعقد ٿيو، جڏهن ته او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي وزيرن، اعليٰ عملدارن ۽ عالمي ادارن جي نمائندن وچ ۾ اهم ٻه طرفي ملاقاتن جو سلسلو به جاري رهيو. آچر ڏينهن انساني حقن واري وزارت مان جاري بيان مطابق فني اجلاسن دوران ڪانفرنس جي ايجنڊا جي منظوري ڏني وئي ۽ عورتن بابت او آءِ سي پلان آف ايڪشن تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ اسلامي دنيا ۾ عورتن کي درپيش چئلينجز، سندن سماجي، معاشي ۽ سياسي خودمختياري، تعليم، صحت، معاشي موقعن، مالي شموليت، فيصلي سازي ۾ اثرائتي شرڪت، ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل شعبن ۾ عورتن جي نمائندگي سميت مختلف معاملن تي تفصيلي غور ڪيو ويو. اٺين وزارتي ڪانفرنس جي چيئر طرفان گذريل ڪانفرنس کانپوءِ عورتن کي با اختيار بڻائڻ لاءِ او آءِ سي تحت کنيل قدمن ۽ حاصل ٿيل اڳڀرائي تي شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته عورتن جي ترقي بابت مختلف ادارن جون رپورٽون به پيش ڪيون ويون. عورتن بابت او آءِ سي جي نائين وزارتي ڪانفرنس جو وزارتي اجلاس اڄ (سومر تي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ منعقد ٿيندو، جنهن دوران ڪانفرنس جي چيئرمين شپ باضابطا طور تي مصر کان پاڪستان کي منتقل ڪئي ويندي. ڪانفرنس جي پڄاڻي تي اسلام آباد پڌرائي ۽ عورتن جي ترقي ۽ کين با اختيار بڻائڻ بابت ڪيترين ئي اهم قراردادن جي منظوري متوقع آهي. ڪانفرنس جي موقعي تي قانون ۽ انصاف، انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ايران، ترڪيه، سعودي عرب، مصر، بوسنيا، شام، صوماليا ۽ يمن جي وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن سميت ويمن ڊولپمنٽ آرگنائيزيشن ۽ او آءِ سي ليبر سينٽر جي نمائندن سان ٻه طرفيون ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ عورتن جي حقن، خانداني نظام جي استحڪام، سماجي تحفظ، عورتن جي معاشي ۽ سياسي خود مختياري، اداري جاتي تعاون، تجربن جي ڏي وٺ ۽ او آءِ سي جي پليٽ فارم ذريعي گڏيل قدمن کي هٿي ڏيڻ لاءِ مفاهمتي يادداشت تي به صحيحون ڪيون ويون. مختلف ملڪن جي وفدن عورتن بابت او آءِ سي وزارتي ڪانفرنس جي ايندڙ ٻن سالن جي چيئرمين شپ سنڀالڻ تي پاڪستان جي ڪردار تي اعتماد جو اظهار ڪندي عورتن کي با اختيار بڻائڻ، خانداني فلاح، سماجي تحفظ ۽ انساني حقن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان سان ويجهو سهڪار جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.










