انساني حقن واري وفاقي وزير جي سعودي عرب جي فيملي افيئرز ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات

اسلام آباد -12 جولاءِ (اي پي پي) انساني حقن اوري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ مملڪت سعودي عرب جي فيملي افيئرز ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ميمونه الخليل سان ملاقات ڪئي ۽ عورتن جي حقن، خانداني نظام ۽ او آءِ سي تعاون تي ڳالهيون ڪيون. آچر تي جاري بيان موجب ملاقات ۾ سعودي عرب جي سماجي ۽ اقتصادي سڌارن ۽ عورتن جي وڌندڙ شموليت ۽ گڏيل تجربن جي مٽاسٽا …

اسلام آباد -12 جولاءِ (اي پي پي) انساني حقن اوري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ مملڪت سعودي عرب جي فيملي افيئرز ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ميمونه الخليل سان ملاقات ڪئي ۽ عورتن جي حقن، خانداني نظام ۽ او آءِ سي تعاون تي ڳالهيون ڪيون. آچر تي جاري بيان موجب ملاقات ۾ سعودي عرب جي سماجي ۽ اقتصادي سڌارن ۽ عورتن جي وڌندڙ شموليت ۽ گڏيل تجربن جي مٽاسٽا تي اتفاق ڪيو ويو. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته اسلام عورتن کي تعليم، وراثت، ڪاروبار ۽ معاشرتي زندگي ۾ ڀرپور حق عطا ڪيا آهن. حضرت خديجه رضي الله عنهه، حضرت عائشه رضي الله عنهه ۽ حضرت فاطمه رضي الله عنهه عورتن لاءِ بهترين نمونو آهن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان مسلم دنيا جو پهريون ملڪ آهي جنهن عورت وزيراعظم جي چونڊ ڪئي، جڏهن ته اڄ عورتون قومي ترقي جي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. پاڪستان ۽ سعودي عرب او آءِ سي پليٽ فارم تي عورتن کي بااختار بڻائڻ، خانداني نظام جي استحڪام ۽ گڏيل تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪن ٿا.

مزید خبریں