او آءِ سي وزارتي ڪانفرنس عورتن لاءِ اميد جو مضبوط پيغام آهي: شامي وزير هندڪباوت

اسلام آباد -12 جولاءِ (اي پي پي) شام جي سماجي معاملن واري وزير هندڪباوت عورتن سان لاڳاپيل اسلامي تعاون تنظيم جي نائين وزارتي ڪانفرنس ۾ پنهنجي شرڪت کي هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏيندي چيو آهي، ته هن ڪانفرنس مسلم دنيا جي عورتن جي اتحاد جي عڪاسي ڪئي آهي ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ، انساني حقن کي هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل تعاون کي اڳيان وڌائڻ جو قيمتي موقعو فراهم ڪيو …

اسلام آباد -12 جولاءِ (اي پي پي) شام جي سماجي معاملن واري وزير هندڪباوت عورتن سان لاڳاپيل اسلامي تعاون تنظيم جي نائين وزارتي ڪانفرنس ۾ پنهنجي شرڪت کي هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏيندي چيو آهي، ته هن ڪانفرنس مسلم دنيا جي عورتن جي اتحاد جي عڪاسي ڪئي آهي ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ، انساني حقن کي هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل تعاون کي اڳيان وڌائڻ جو قيمتي موقعو فراهم ڪيو آهي. آچر تي ڪانفرنس جي موقعي تي پاڪستاني ميڊيا سان ڳالهائيندي عورتن چيو ته پاڪستان خاص ڪري اسلام آباد جو دورو سندن لاءِ هڪ يادگار موقعو آهي، جتي او آءِ سي ميمبر ملڪن جون بااثر عورتون تجربن ۽ بهترين عملي قدمن جي مٽاسٽا لاءِ جمع ٿيون آهن. هن پاڪستان جي شاندار مهمان نوازي جي تعريف ڪندي چيو ته وفدن جي آجيان خاندان جي ماڻهن وانگر ڪئي وئي جنهن تي هو پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جي شڪر گذار آهي. هن چيو ته اسان جو ويزن، اسان جا قدر ۽ اسان جا اصول هڪ جهڙا آهن، اهو ئي سبب آهي ته اسان پنهنجا گڏيل هدف حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي اثرائتي انداز ۾ ڪم ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۾ عورتن جو اهو ميڙاڪو ان عزم جو اظهار آهي ته اسان کي بهتر مستقبل جي تعمير لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هند ڪباوت چيو ته هي ڪانفرنس شام لاءِ به غير معمولي اهميت رکي ٿي ڇاڪاڻ ته سندس ملڪ 2012ع کان پوءِ پهريون ڀيرو ان نوعيت جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو آهي. هن چيو ته شام جي آزادي ۽ آمريت جي خاتمي کان پوءِ اڄ اسان آزاداڻي طور تي هتي مجود آهيون ۽ شامي عورتن جي آواز دنيا تائين پهچائي رهيا آهيون، جن آزادي لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون. هن پناهگير ڪيمپن ۽ بي گهر ٿيل شامي عورتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته انهن عورتن ڏکين حالتن ۾ به غير معمولي حوصلي ۽ استقامت جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي ڌرتي تان پناهگير ڪيمپن ۽ بي دخلي جو شڪار سمورين عورتن کي سلام پيش ڪري ٿي. اڄ اسان انهن سمورين عورتن جي آزادي ۽ حوصلي کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا.

مزید خبریں