اسلام آباد -12 جولاءِ (اي پي پي)صدر آصف علي زرداري بنگلاديش ۾ تباهي ڪندڙ ٻوڏ ۽ مٽيءَ جي ڇپن ڪرڻ جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان ۽ وڏي پئماني تي ٿيل تباهي تي گهري رنج ۽ غم جو اظهار ڪيو آهي. آچر ڏينهن ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ صدر مملڪت چيو ته هن مشڪل گهڙي ۾ پاڪستان، بنگلاديش جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ ڀرپور يڪجهتي سان بيٺل …
صدر آصف علي زرداري پاران بنگلاديش ۾ ٻوڏ ۽ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي ڏک جو اظهار
اسلام آباد -12 جولاءِ (اي پي پي)صدر آصف علي زرداري بنگلاديش ۾ تباهي ڪندڙ ٻوڏ ۽ مٽيءَ جي ڇپن ڪرڻ جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان ۽ وڏي پئماني تي ٿيل تباهي تي گهري رنج ۽ غم جو اظهار ڪيو آهي. آچر ڏينهن ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ صدر مملڪت چيو ته هن مشڪل گهڙي ۾ پاڪستان، بنگلاديش جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ ڀرپور يڪجهتي سان بيٺل آهي. صدر مملڪت آصف علي زرداري فوت ٿي ويلن جي خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو جڏهن ته زخمين جي جلد صحتيابي ۽ متاثر سمورن ماڻهن جي سلامتي ۽ ڀلائي لاءِ دعا پڻ ڪئي.











