اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسي کي نشان خدمت ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. آچر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر مملڪت، ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسي کي بين المذاهب هم آهنگي، اعتدال پسندي جي فروغ، مسلم امت وچ ۾ تعاون جي استحڪام ۽ عالم اسلام لاءِ نمايان خدمتن جي …
صدر پاران مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسي کي نشان خدمت، نمل جي اعزازي ڊگري ڏيڻ جي منظوري
اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسي کي نشان خدمت ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. آچر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر مملڪت، ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسي کي بين المذاهب هم آهنگي، اعتدال پسندي جي فروغ، مسلم امت وچ ۾ تعاون جي استحڪام ۽ عالم اسلام لاءِ نمايان خدمتن جي اعتراف ۾ نشان خدمت عطا ڪرڻ جي منظوري ڏني. صدر مملڪت نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لينگويچز (نمل) طرفان ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسي کي اسلاميات ۽ عالمي لاڳاپن ۾ ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏيڻ جي به منظوري ڏني.











