وزيراعظم پاران قطر جي اڳوڻي امير شيخ حمد بن خليفه آل ثاني جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي اڳوڻي امير شيخ حمد بن خليفه آل ثاني جي وفات تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سندس بصيرت، ڊگهي نظر ۽ قطر کي جديد رياست بنائڻ تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. آچر ڏينهن ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اها خبر ٻڌي انتهائي ڏک پهتو ته قطر جو اڳوڻو امير شيخ حمد بن …

اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي اڳوڻي امير شيخ حمد بن خليفه آل ثاني جي وفات تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سندس بصيرت، ڊگهي نظر ۽ قطر کي جديد رياست بنائڻ تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. آچر ڏينهن ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اها خبر ٻڌي انتهائي ڏک پهتو ته قطر جو اڳوڻو امير شيخ حمد بن خليفه آل ثاني وفات ڪري ويو آهي. وزيراعظم مرحوم جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته هو هڪ عظيم اڳواڻ ۽ مدبر سياستدان هو، جنهن جي بصيرت، ڊگهي نظر ۽ عوام جي خدمت سان پختي وابستگي قطر کي هڪ جديد، خوشحال ۽ عالمي سطح تي باوقار رياست ۾ تبديل ڪيو، پنهنجي وطن ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ سندس خدمتون، علائقائي امن، ترقي ۽ عالمي تعاون کي هٿي وٺرائڻ ۾ سندس ڪردار هميشه ياد رکيو ويندو ۽ ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راهه رهندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام، حڪومت ۽ پنهنجي طرفان مان پنهنجي پياري ڀاءُ، قطر جي اڳوڻي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني، آل ثاني خاندان، قطر جي حڪومت ۽ قطر جي برادر عوام سان دلي تعزيت ۽ گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيان ٿو. وزيراعظم چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ پاڪستان پوري يڪجهتي سان پنهنجي قطري ڀائرن ۽ ڀينرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. اسان مرحوم جي پاڪستان سان محبت، خلوص، شفقت ۽ ان جي پاڪستان جي ڪيترن ئي يادگار دورن کي هميشه قدر ۽ احترام سان ياد رکنداسين. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ شاهي خاندان سميت اسان جي قطري ڀائرن ۽ ڀينرن کي اهو صدمو صبر، همٿ ۽ استقامت سان برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

مزید خبریں