اسلام آباد -12 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير، نواف بن سعيد احمد المالڪي ملاقات ڪئي. آچر تي پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن خطي جي تازي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ۽ ڳالهين ۽ سفارتڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ٻنهي اڳواڻن …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان سعودي سفير جي ملاقات، خطي جي تازي صورتحال تي ڳالهيون

مزید خبریں
اسلام آباد -12 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير، نواف بن سعيد احمد المالڪي ملاقات ڪئي. آچر تي پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن خطي جي تازي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ۽ ڳالهين ۽ سفارتڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ۽ مستحڪم بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ته جيئن ٻئي ڀائر ملڪ ان مان ڀرپور فائدو کڻي سگهن.











