پاڪستان جي ميزباني ۾ او آءِ سي عورتن اوري وزارتي ڪانفرنس ۾ تنظيم جي سمورن 57 ميمبر ملڪن جا وفد شريڪ ٿيندا: سينيٽر اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد -12 جولاءِ (اي پي پي)قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي، ته پاڪستان اسلامي تعاون تنظيم جي عورتن جي نائين وزارتي ڪانفرنس جي ميزباني ڪري رهيو آهي. ان ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس ۾ سمورن 57 ميمبر ملڪن جي وفدن کي مسلم دنيا ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ شريڪ ٿيندا، ڪانفرنس جي پڄاڻي تي اسلام آباد پڌرنامو جاري ڪيو ويندو. آچر تي صبا …

اسلام آباد -12 جولاءِ (اي پي پي)قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي، ته پاڪستان اسلامي تعاون تنظيم جي عورتن جي نائين وزارتي ڪانفرنس جي ميزباني ڪري رهيو آهي. ان ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس ۾ سمورن 57 ميمبر ملڪن جي وفدن کي مسلم دنيا ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ شريڪ ٿيندا، ڪانفرنس جي پڄاڻي تي اسلام آباد پڌرنامو جاري ڪيو ويندو. آچر تي صبا صادق ۽ وجيهه قمر سان گڏ نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ان وزارتي ڪانفرنس جي ميزباني ڪندي خوشي محسوس ڪري رهيو آهي، جيڪو مصر کان ايندڙ ٻن سالن لاءِ او آءِ سي عورتن جي چيئرمين شپ پاڪستان کي سنڀالڻ لاءِ منتقل ڪئي آهي. ان پريس ڪانفرنس ۾ پارليامينٽ ميمبر وجيهه قمر ۽ صبا صادق به موجود هيون. اعظم نذير تارڙ چيو ته افتتاحي ڏينهن فني سطح جا سيشنز ٿي رهيا آهن. جڏهن ته اهم وزارتي سيشن سومر ڏينهن ميمبر ملڪن جي وزيرن ۽ مبصرن جي شرڪت سان منعقد ٿيندا. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪانفرنس جو باقاعده افتتاح ڪندو، ان موقعي تي پاڪستان او آءِ سي عورتن واري وزارتي ڪانفرنس جي چيئر پرسنشپ به سنڀاليندو، ان لاءِ اسان جون عورتون ۽ پاڪستان تيار آهن ۽ ان ذميواري کي احسن طريقي سان عهدو سنڀالڻ جي ڪوشش ڪندا. هن چيو ته وڏي تعداد ۾ پرڏيهي وفد اسلام آباد پهچي چڪا آهن. وفاقي وزير چيو ته هن سال جي ڪانفرنس جو مقصد معاشري ۾ عورتن جي ڪردار کي مضبوط بڻائڻ ۽ عملي اڳڀرائي تي ڪم جون تجويزون تيار ڪرڻ ۽ او آءِ سي ميمبر ملڪن ۾ ان جي ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ عملي قدمن جي نشاندهي ڪڻ آهي. عورتن جي سماجي، معاشي ۽ سياسي استحڪام، چئلينجز ۽ ان جي حل جي موضوع تي منعقد ٿيندڙ ان ڪانفرنس ۾ عورتن آڏو درپيش اهم چئلينجز تي به غور ڪيو ويندو. ميمبر ملڪ ان تي پنهنجي اڳڀرائي کان آگاهه ڪندا ۽ ان جي زندگي جي سمورن شعبن ۾ شرڪت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ مستقبل جو روڊ ميپ تيار ڪيو ويندو. وفاقي وزير سينئر پارليامينٽيرين وجيهه قمر ۽ صبا صادق کي ان پروگرام جي ڪامياب بندوبست جي انتظامن ۾ سندن تعاون تي ٿورو ادا ڪيو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ پرڏيهي آفيس مهمانن جي ميزباني جا فرض سنڀاليا آهن جڏهن ته سڌ سماءَ واري وزارت به اڳيان اڳيان آهي. هي پاڪستان لاءِ هڪ وڏو اعزاز آهي، ان ڪانفرنس ۾ پاڪستان ۾ عورتن لاءِ هڪ جامع معاشري جي جوڙجڪ لاءِ کنيل قدمن کان به آگاهه ڪيو ويندو.

مزید خبریں