اسلام آباد -12 جولاءِ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي، ته عورتن کي بااختير بڻائڻ پاڪستان جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان ۾ عورتون سياست، پارليامينٽ، عدليه، تعليم، ڪاروبار ۽ ٻين شعبن م اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هن انهن خيالن جو اظهار آذربائيجان ۾ او آءِ سي ليبر سينٽر جي ايڊمنسٽريٽو ڊويزن جي سربراهه جليله الله ورديوفا سان ملاقات دوران …
پاڪستان ۾ عورتون سياست، پارليامينٽ، عدليه، تعليم، ڪاروبار ۽ ٻين شعبن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن: قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد -12 جولاءِ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي، ته عورتن کي بااختير بڻائڻ پاڪستان جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان ۾ عورتون سياست، پارليامينٽ، عدليه، تعليم، ڪاروبار ۽ ٻين شعبن م اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هن انهن خيالن جو اظهار آذربائيجان ۾ او آءِ سي ليبر سينٽر جي ايڊمنسٽريٽو ڊويزن جي سربراهه جليله الله ورديوفا سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين عورتن جي حقن، سماجي ترقي ۽ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ملاقات ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ، سماجي تحفط، صلاحيت سازي ۽ اسلامي تعاون تنظيم جي پليٽ فارم تحت گڏيل قدمن کي هٿي ڏيڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويو. اعظم نذير تارڙ چيو ته اسلام عورتن کي وقار، برابري ۽ بنيادي حق عطا ڪيا آهن، انهن جي حقن جي تحفط ۽ هٿي ڏيڻ کي يقيني بڻائڻ مسلم امت جي گڏيل ذميواري آهي. پاڪستان ۽ او آءِ سي ليبر سينٽر عورتن جي ترقي لاءِ تعاون کي مضبوط ڪرڻ، اداره جاتي رابطا وڌائڻ، تجربن جي مٽاسٽا ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ويجهي تعاون کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











