اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. آچر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 99 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 60 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 38 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 38 …
درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. آچر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 99 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 60 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 38 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 38 هزار ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 1 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 1 هزار 200 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 35 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 12 هزار ڪيوسڪ، جڏهن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 71 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 44 هزار 200 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي صورتحال موجب گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 61 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 30 هزار 500 ڪيوسڪ، سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 9 هزار 100 ۽ هيٺانهون وهڪرو 52 هزار 800 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 38 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو ٻڙي ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1497.14 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.828 ملين ايڪڙ فوٽ آهي، جڏهن ته منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1170.75 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.611 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو. ساڳئي طرح چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 648.10 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.263 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.











