اسلام آباد -12 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي سامونڊي ٽاسڪ فورس پاڪستاني بندرگاهن ۾ اهم آپريشنل ڪاميابيون حاصل ڪري ورتيون آهن. ٽاسڪ فورس جي عيوض بندرگاهن ۾ جڳهه جي انتظام، ڪارگو ڪليئرنس ۽ انفراسٽرڪچر جي پراڻن مسئلن جو حل ڪڍيو ويو آهي. تفصيل موجب نيشنل لاجسٽڪس ڪارپوريشن سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي شرڪت سان اهم سڌارا لاڳو ڪرڻ جو عمل ڪيو ويو آهي. ڪنٽينرز جي تهه بندي هاڻي منظم …
وزيراعظم جي سامونڊي ٽاسڪ فورس پاڪستاني بندرگاهن ۾ اهم آپريشنل ڪاميابيون حاصل ڪري ورتيون

مزید خبریں
اسلام آباد -12 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي سامونڊي ٽاسڪ فورس پاڪستاني بندرگاهن ۾ اهم آپريشنل ڪاميابيون حاصل ڪري ورتيون آهن. ٽاسڪ فورس جي عيوض بندرگاهن ۾ جڳهه جي انتظام، ڪارگو ڪليئرنس ۽ انفراسٽرڪچر جي پراڻن مسئلن جو حل ڪڍيو ويو آهي. تفصيل موجب نيشنل لاجسٽڪس ڪارپوريشن سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي شرڪت سان اهم سڌارا لاڳو ڪرڻ جو عمل ڪيو ويو آهي. ڪنٽينرز جي تهه بندي هاڻي منظم انداز ۾، ڪسٽمز معائنو آسان ۽ بندرگاهن کي ماسٽر پلان موجب نئين سر ترتيب ڏنو ويو آهي. دستياب هنڌ جو بهترين استعمال ڪندي ڊگهي عرصي کان ڦاٿل ڪنٽينرز جي ڪليئرنس ڪئي پئي وڃي. مستقبل ۾ انهن مسئلن جي روڪٿام لاءِ ڪنيٽنرز جي آمد کان اڳ جي ڊي فائلنگ جي سهولت مهيا ڪئي وئي آهي. ڪسٽمز رول 554 تي عملدرامد سان گڏوگڏ 24 ڪلاڪ فعال الڳ معائنو ڪندر مرڪز قائم ڪيا ويا آهن. جديد اوزارن ۽ گهربل افرادي قوت سان ڪارگو جي ڊي اسٽفنگ ۽ ري اسٽفنگ (شپنگ ڪنٽينر ۾ ان لوڊ ۽ لوڊ ڪرڻ) جو عمل تيز ڪيو ويو آهي. ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۾ حد دخلين جي خاتمي لاءِ خاص ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. عدالت جي حڪمن تي عملدرآمد تيز ڪيو ويو آهي ۽ قانوني ۽ انتظامي سطح تي ڪم جاري آهي، ٽاسڪ فورس جي نگراني سان ڪارگو چر پر ۾ تيزي، بندرگاهن تي رش ۾ گهٽتائي، بندرگاهن جي مجموعي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو، ماهرن پاران قرار ڏنو ويو آهي ته مضبوط سامونڊي معيشت لاءِ اهي قدم اهم آهن.











