اسلام آباد ۔ 11 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته عورتن، ٻارن ۽ نوجوانن کي ترقياتي حڪمت عملي جو محور بڻائي اسان هڪ اهڙو مستقبل جوڙي سگهون ٿا جيڪو برابر ۽ جامع هجي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار آباديءَ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته اڄ جو ڏينهن جيڪو هن سال “نوجوانن …
عورتن، ٻارن ۽ نوجوانن کي ترقياتي حڪمت عملي جو محور بڻائي اسان جامع مستقبل جوڙي سگهون ٿا: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد ۔ 11 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته عورتن، ٻارن ۽ نوجوانن کي ترقياتي حڪمت عملي جو محور بڻائي اسان هڪ اهڙو مستقبل جوڙي سگهون ٿا جيڪو برابر ۽ جامع هجي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار آباديءَ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته اڄ جو ڏينهن جيڪو هن سال “نوجوانن جي اميدن کي حقيقت جو روپ ڏيڻ – اڄ ۽ ايندڙ سڀاڻي جي لاءِ” جي عنوان سان ملهايو پيو وڃي، آئون عالمي برادري سان گڏجي ان عزم جي جو ورجاءُ ڪريان ٿو ته اسان هڪ اهڙو معاشرو جوڙيون جتي هر شهري کي باوقار زندگي، صحت جون سهولتون ۽ هڪ جهڙا موقعا ميسر هجن. صدر چيو ته پاڪستان هڪ نوجوان ۽ باصلاحيت آباديءَ سان مالامال ملڪ آهي، اسان جي 65 سيڪڙو کان وڌيڪ شهرين جي عمر 30 سال کان گهٽ آهي جيڪا قومي ترقي جي لاءِ هڪ غيرمعمولي موقعو فراهم ڪري ٿي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان جي نوجوانن کي معياري تعليم، صحت جون سهولتون، فني مهارت ۽ روزگار جا مناسب موقعا فراهم ڪيا وڃن ته اهي هڪ موثر آبادياتي اثاثو ثابت ٿي سگهن ٿا جيڪي معاشي ترقي، جدت ۽ سماجي خوشحالي کي نئين رفتار ڏيندا. صدر چيو ته نوجوانن تي ڪئي ويندڙ اڄ جي سيڙپڪاري حقيقت ۾ پاڪستان جي مستقبل جي لاءِ سيڙپڪاري آهي، اسان کي عورتن ۽ ٻارن جي صحت ۽ ڀلائي کي بهتر بڻائڻ جي اهميت جو پڻ مڪمل ادراڪ هجڻ گهرجي. صدر آصف علي زرداري چيو ته ماءُ ۽ ٻار جي صحت، ٻارن جي بقاءَ، مناسب غذائيت، تعليم ۽ بنيادي صحت جي معياري سهولتن تائين پهچ، ترقي جا بنيادي ٿنڀ آهن. هن چيو ته ڪو به معاشرو ان وقت تائين ترقي نه ٿو ڪري سگهي جيستائين مائرن کي حمل ۽ ويم دوران قابل تدارڪ خطرا درپيش هجن، ٻار غذائي کوٽ جو شڪار هجن يا ٻارڙين کي تعليم ۽ اڳتي وڌڻ جي برابر موقعن کان محروم رکيو وڃي. صدر چيو ته هي ڏينهن اسان کي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ان ويزن جي پڻ ياد ڏياري ٿو جنهن عورتن کي حقن، وقار ۽ اختيار ڏيارڻ جي لاءِ نمايان جدوجهد ڪئي، هن قومي ترقي ۾ عورتن جي اختيار، تعليم ۽ توليدي صحت جي اهميت تي سدائين زور ڏنو ۽ ان جو اهو ويزن اڄ به اسان جي قومي ڪوششن جي لاءِ مشعل راهه اهي. صدر چيو ته آباديءَ ۽ ترقي هڪ ٻئي سان گهرو تعلق رکن ٿا، تعليم، صحت، صنفي برابري، غربت ۾ گهٽتائي ۽ معاشي موقعن ۾ اڳڀرائي خاندانن ۽ معاشرن کي مضبوط بڻائي ٿي ۽ هڪ خوشحال ۽ مستحڪم معاشري جي جوڙجڪ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. هن چيو ته هر عورت کي معياري صحت جي سهولتن جي فراهمي ۽ هر ٻار کي مناسب نگهداشت، غذائيت ۽ تعليم فراهم ڪرڻ نه رڳو اسان جي اخلاقي ذميواري آهي پر هڪ قومي گهرج پڻ آهي. صدر چيو ته آئون سمورين لاڳاپيل ڌرين جن ۾ حڪومتي ادارا، پارليامينٽ جا ميميبر، يونيورسٽيون، سول سوسائٽي جون تنظيمون،ت رقياتي حصيدار، مذهبي اڳواڻ، ميڊيا ۽ مقامي برادريون شامل آهن، انهن کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي عوام جي صحت ۽ ڀلائي جي لاءِ گڏيل طور تي ڪم ڪن. هن چيو ته عورتن، ٻارن ۽ نوجوانن کي ترقياتي حڪمت عملي جو محور بڻائي اسان هڪ اهڙو مستقبل جوڙي سگهون ٿا جيڪو برابر ۽ جامع هجي. صدر چيو ته اچو ان وچن جو ورجاءُ ڪريون ته اسان اهڙو پاڪستان تعمير ڪريون جتي هر ماڻهو پنهنجي اميدن کي حقيقت جو روپ ڏئي سگهي، گڏيل تعاون سان اسان پنهنجي آبادياتي قوت کي انساني ترقي ۽ پائيدار قومي خوشحالي ۾ تبديل ڪري سگهون ٿا.










