آباديءَ ۾ تيزيءَ سان واڌ جي چئلينج کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جامع حڪمت عملي اڻٽر آهي: سردار اياز صادق

اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چي آهي ته آباديءَ ۾ تيزيءَ سان ٿيندڙ واڌ سبب پيدا ٿيل چئلينجز کي مؤثر انداز ۾ مُنهن ڏيڻ لاءِ جامع رٿابندي، آگاهي ۽ سمورن طبقن جون گڏيل ڪوششون ضروري آهن، ملڪي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ضروري آهي ته هر ماڻهوءَ کي برابريءَ جا موقعا فراهم ڪيا وڃن ۽ نوجوانن جي صلاحيتن کي مثبت رُخ …

اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چي آهي ته آباديءَ ۾ تيزيءَ سان ٿيندڙ واڌ سبب پيدا ٿيل چئلينجز کي مؤثر انداز ۾ مُنهن ڏيڻ لاءِ جامع رٿابندي، آگاهي ۽ سمورن طبقن جون گڏيل ڪوششون ضروري آهن، ملڪي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ضروري آهي ته هر ماڻهوءَ کي برابريءَ جا موقعا فراهم ڪيا وڃن ۽ نوجوانن جي صلاحيتن کي مثبت رُخ ۾ ڪتب آندو وڃي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اهڙو اظهار هن آباديءَ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو، جيڪو هر سال 11 جولاءِ تي گڏيل قومن جي انتظام هيٺ سڄي دنيا ۾ ملهايو وڃي ٿو. اسپيڪر چيو ته آبادي جي عالمي ڏهاڙي کي ملهائڻ جو مقصد آباديءَ بابت چئلينجز جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ، پائيدار ترقي جي حاصلات جي ڪوششن کي هٿي ڏيڻ ۽ بهتر مستقبل لاءِ اجتماعي قدمن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي. هن هلندڙ سال جو موضوع ”نوجوانن جي اميدن ۽ اُمنگن کي اڄ ۽ مستقبل لاءِ حقيقت جو روپ ڏيڻ“ جي حوالي سان چيو ته نوجوان ڪنهن به ملڪ جو قيمتي اثاثو هوندا آهن، کين معياري تعليم، بهتر صحت جون سهولتون، هنرمنديءَ جا موقعا ۽ باعزت روزگار جي فراهميءَ ذريعي ملڪ جي ترقي ۾ مؤثر حصيداري بڻائي سگهجي. سردار اياز صادق چيو ته پاڪستان دنيا جي انهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي آباديءَ ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿي رهي آهي جيڪا ملڪ جي محدود وسيلن، تعليمي ۽ طبي سهولتن، روزگار جي موقعن ۽ بنيادي خدمتن تي واڌو دٻاءُ جو سبب بڻجي رهي آهي. هن چيو ته انهن مسئلن جي حل لاءِ ڏور رس پاليسين، مؤثر قدمن ۽ دستياب وسيلن جي بهتر استعمال جي ضرورت آهي ته جيئن آباديءَ کي ملڪ جي ترقيءَ لاءِ هڪ مثبت قوت بڻائي سگهجي. هن چيو ته آباديءَ جي مسئلي کي مُنهن ڏيڻ لاءِ معاشري جي سمورن طبقن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن سول سوسائٽي، ميڊيا، عالم سڳورن کي آبادي ۾ تيزيءَ سان واڌ تي ضابطو آڻڻ لاءِ عوامي شعور ۽ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ مؤثر ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.

مزید خبریں