نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي اميدوار ميڪي سال ۽ گني بسائو جي اڳوڻي صدر جنرل عمرو امبالو جي ملاقات

اسلام آباد ۔ 10 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي جي اميدوار ميڪي سال ۽ گني بسائو جي اڳوڻي صدر جنرل عمرو امبالو ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گهڻ رخي نظام (ملٽي ليٽرل ازم) سان پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪندي عالمي نظام ۾ گڏيل قومن …

اسلام آباد ۔ 10 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي جي اميدوار ميڪي سال ۽ گني بسائو جي اڳوڻي صدر جنرل عمرو امبالو ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گهڻ رخي نظام (ملٽي ليٽرل ازم) سان پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪندي عالمي نظام ۾ گڏيل قومن جي مرڪزي ڪردار جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت جو اظهار ڪيو. هن گڏيل قومن جي منشور جي مقصدن ۽ اصولن جي پاسداري، عالمي قانون ۽ معاهدن جي احترام ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن خاص طور تي فلسطين ۽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت قراردادن تي ديانتداري سان عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن عالمي امن ۽ سلامتي کي يقيني بڻائي سگهجي. نائب وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته ايندڙ سيڪريٽري جنرل جي قيادت ۾ گڏيل قومون اڀرندڙ عالمي چئلينجز کي موثر طور تي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڻ کي وڌيڪ هم آهنگ بڻائيندي ۽ عالمي ترقي جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۾ پنهنجو موثر ڪردار جاري رکندي.

مزید خبریں