اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان ۾ خوارجين خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ گهرو وزير سيڪيورٽي فورسز کي سلام پيش ڪندي چيو ته وڌيڪ 13 خوارجين کي مارڻ تي پاڪ فوج، ايف سي ۽ بلوچستان پوليس جي بهادر نوجوانن جي جرائت کي ساراهيون ٿا ۽ سندن مٿان پوري قوم کي ناز …
گهرو معاملن واري وفاقي وزير پاران بلوچستان ۾ خوارجين خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين
اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان ۾ خوارجين خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ گهرو وزير سيڪيورٽي فورسز کي سلام پيش ڪندي چيو ته وڌيڪ 13 خوارجين کي مارڻ تي پاڪ فوج، ايف سي ۽ بلوچستان پوليس جي بهادر نوجوانن جي جرائت کي ساراهيون ٿا ۽ سندن مٿان پوري قوم کي ناز آهي. محسن نقوي واضح لفظن ۾ چيو ته بلوچستان ۾ فتنه الهندستان جي دهشگردن جي مڪمل خاتمي لاءِ قوم متحد آهي ۽ دهشتگرديءَ جي لعنت کي پاڙان پٽڻ لاءِ اُڇلائڻ لاءِ عوام پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. هن ان عزم کي ورجايو ته مادرِ وطن جي امن کي نقصان پهچائيندڙن خلاف ڪارروايون منطقي انجام تائين جاري رهنديون.











