صدر آصف علي زرداري پاران آپريشن شعبان جي ڪاميابي تي پاڪ فوج، ايف سي ۽ بلوچستان پوليس کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد ۔ 10 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ فتنه الخوارج جي خلاف آپريشن شعبان جي ڪاميابي تي پاڪ فوج، ايف سي ۽ بلوچستان پوليس کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته آپريشن شعبان هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو آهي ته اسان جي سيڪيورٽي فورسز هر خطري کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي. …

اسلام آباد ۔ 10 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ فتنه الخوارج جي خلاف آپريشن شعبان جي ڪاميابي تي پاڪ فوج، ايف سي ۽ بلوچستان پوليس کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته آپريشن شعبان هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو آهي ته اسان جي سيڪيورٽي فورسز هر خطري کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي. هن چيو ته پاڪستان جي خلاف پراڪسي عنصرن کي استعمال ڪندڙ پنهنجي ڪڌي مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿيندا، قومي عزم هر سازش کان وڌيڪ مضبوط آهي. هن چيو ته ڀارت ۽ ڪجهه ٻين ملڪن جا پاڪستان دشمن عنصر ۽ ادارا پاڪستان جي تازي سفارتي ڪاميابين کي داغدار ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه ملڪ دشمن عنصرن کي ڪرائي جي قاتلن جي طور تي استعمال ڪري اسان جا حوصلا ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا. صدر چيو ته اسان پاڪستان جي تازي ڪاميابين کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين ۽ دهشتگردي کي به عوام جي مدد سان شڪست ڏينداسين ۽ ملڪ جي دفاع تي ڪو ٺاهه نه ٿيندو. هن چيو ته رياست دهشتگردي جي لعنت کي هر قيمت تي شڪست ڏيندي.