اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان حڪومت نوجوانن ۾ سائنسي تجسس، تحقيق ۽ خلائي علم ۾ دلچسپيءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي ته جيئن ملڪ جو نئون نسل مستقبل جي قيادت ڪندي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ نيون ڪاميابيون حاصل ڪري سگهي. جمعي تي رٿابنديءَ واري وزارت مان جاري بيان ۾ پروفيسر …
هيوسٽن، ٽيڪساس جو دؤرو لاڀائتو رهيو، حڪومت نوجوانن ۾ تحقيق ۽ خلائي علم ۾ دلچسپيءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي: پروفيسر احسن اقبال
اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان حڪومت نوجوانن ۾ سائنسي تجسس، تحقيق ۽ خلائي علم ۾ دلچسپيءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي ته جيئن ملڪ جو نئون نسل مستقبل جي قيادت ڪندي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ نيون ڪاميابيون حاصل ڪري سگهي. جمعي تي رٿابنديءَ واري وزارت مان جاري بيان ۾ پروفيسر احسن اقبال چيو ته هيوسٽن، ٽيڪساس ۾ سندس دؤرو انتهائي لاڀائتو ۽ همٿائيندڙ رهيو، جتي اسپيس سينٽر هيوسٽن (ناسا جي سرڪاري وزيٽر سينٽر) ۾ جديد، سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ رياضي (اسٽيم) جي تعليم جي عملي ماڊلز جو مشاهدو ڪرڻ سان گڏوگڏ سينيئر انتظاميه ۽ قيادت سان مستقبل جي خلائي ٽيڪنالاجي، سائنسي جدت ۽ اسٽريٽجڪ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اسپيس سينٽر هيوسن جي صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر وليم ٽي هيرس، ناسا جا اعليٰ عملدار ۽ آمريڪا جي ناليوارن ايرو اسپيس ڪمپنين جي سينيئر عملدارن سندس شاندار آڌرڀاءُ ڪيو. ملاقاتن ۾ سائنس ۽ گڏيل حصيداري کي وڌيڪ مرڪزي حيثيت حاصل رهي. وفاقي وزير چيو ته هن ان موقعي تي پاڪستان جي مستقبل سان هم آهنگ خلائي ماحولياتي نظام اسپيس ايڪو سسٽم جو ويزن پيش ڪيو ۽ پاڪستان جي باصلاحيت نوجوانن جي غير معمولي صلاحيتن کي اجاگر ڪندي ناسا سان جديد تربيت ۽ سگهه وڌائڻ جي موقعي تي زور ڀريو جنهن کي نهايت مثبت ۽ همٿائيندڙ انداز ۾ ساراهيو ويو. هن چيو ته ڳالهين دوران خلائي تحقيق، جديد ٽيڪنالاجي ۽ سائنسي جدت جي قومي ترقيءَ ۾ ڪردار تي ڳالهه ٻولهه ٿي جڏهن ته ناسا ۽ آمريڪي ايرو اسپيس ادارن ان شعبي ۾ تعاون ۽ حصيداريءَ کي هٿي ڏيڻ ۾ گهري دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو جنهن سان مستقبل ۾ گڏيل منصوبا ۽ نوان موقعا فراهم ٿيندا. هن چيو ته هي دؤرو ۽ ملاقاتون هڪ اهم سنگِ ميل ثابت ٿيون آهن ۽ پاڪستان حڪومت نوجوانن ۾ سائنسي تجسس، تحقيق ۽ خلائي علم ۾ دلچسپيءَ کي هٿي ڏيڻ ۾ پُرعزم آهي ته جيئن ملڪ جي نئين نسل مستقبل جي قيادت ڪندي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ نيون ڪاميابيون حاصل ڪري سگهي.












