عالمي مارڪيٽن ۾ خام تيل، سون ۽ زرعي جنسن جي قيمتن ۾ گهٽتائيءَ جو رجحان رهيو: رپورٽ

اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ جمعي ڏينهن خام تيل، سون ۽ زرعي جنسن جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو. بلومبرگ جي رپورٽ موجب خام تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڏسڻ ۾ ملي، ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊئيٽ جا سودا 0.37 ڊالرن کان گهٽ ٿي 71.71 ۽ برينٽ ڪروڊ جا سودا 0.46 سيڪڙو گهٽتائيءَ سان 75.84 ڊالر في بيرل طئي ٿيا. سون جي قيمت ۾ 10.04 …

اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ جمعي ڏينهن خام تيل، سون ۽ زرعي جنسن جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو. بلومبرگ جي رپورٽ موجب خام تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڏسڻ ۾ ملي، ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊئيٽ جا سودا 0.37 ڊالرن کان گهٽ ٿي 71.71 ۽ برينٽ ڪروڊ جا سودا 0.46 سيڪڙو گهٽتائيءَ سان 75.84 ڊالر في بيرل طئي ٿيا. سون جي قيمت ۾ 10.04 ڊالر في اونس گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي ۽ مستقبل جا سودا 4113.60 ڊالر في اونس جڏهن ته چاندي جا سودا 0.28 ڊالر گهٽتائيءَ سان 60.47 ڊالر في اونس طئي ٿيا. مڪئي جي قيمت ۾ 0.50 ڊالر ۽ ڪڻڪ جي قيمت ۾ 4.50 ڊالر في بشل گهٽتائي ٿي آهي جنهن سان مڪئي جي قيمت ۾ 449.50 ۽ ڪڻڪ جي قيمت 615.25 ڊالر في بشل ٿي ويا.

مزید خبریں