پيرا اسلام آباد ۾ ورچوئل (آن لائن) اسڪولن لاءِ ريگيوليٽري فريم ورڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي) پرائيويٽ ايجوڪيشنل انسٽيٽيوشنز ريگيوليٽري اٿارٽي (پيرا)، اسلام آباد ڪيپيٽيل ٽيريٽري ۾ ورچوئل (آن لائن) اسڪولن لاءِ هڪ جامع ريگيوليٽري فريم ورڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جيڪو پاڪستان ۾ ڊجيٽل تعليم کي هٿي وٺرائڻ طرف هڪ اهم سنگِ ميل آهي. ان فريم ورڪ ذريعي پهريون ڀيرو آن لائن ۽ ورچوئل اسڪولن جي رجسٽريشن، ريگيوليشن، نگراني ۽ معيار کي يقيني بنائڻ لاءِ هڪ باقاعده ۽ …

اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي) پرائيويٽ ايجوڪيشنل انسٽيٽيوشنز ريگيوليٽري اٿارٽي (پيرا)، اسلام آباد ڪيپيٽيل ٽيريٽري ۾ ورچوئل (آن لائن) اسڪولن لاءِ هڪ جامع ريگيوليٽري فريم ورڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جيڪو پاڪستان ۾ ڊجيٽل تعليم کي هٿي وٺرائڻ طرف هڪ اهم سنگِ ميل آهي. ان فريم ورڪ ذريعي پهريون ڀيرو آن لائن ۽ ورچوئل اسڪولن جي رجسٽريشن، ريگيوليشن، نگراني ۽ معيار کي يقيني بنائڻ لاءِ هڪ باقاعده ۽ منظم نظام متعارف ڪرايو آهي جيڪو هائر سيڪنڊري سطح تائين تعليم فراهم ڪندڙ ادارن تي لاڳو هوندو. ان نئين پاليسيءَ جو مقصد معياري تعليم تائين برابريءَ جي بنياد تي رسائيءَ کي هٿي ڏيڻ آهي، خاص ڪري اهڙن ٻارن لاءِ جيڪي اسڪول کان ٻاهر ۽ ڏورانهن علائقن ۾ رهن ٿا، خاص ضرورتن جا گهرجائو آهن، ملازمت يا ٻين مصروفيتن سبب روايتي اسڪولن ۾ تعليم حاصل نٿا ڪن يا ڪنهن به جاگرافيائي، مالي يا جسماني رڪاوٽ کي مُنهن ڏيندا آهن. ان باقاعده ريگيوليٽري نظام جي قيام سان خواندگي جي شرح ۾ واڌ ٿيندي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو ته ڪوبه ٻار تعليم کان محروم نه رهي. فريم ورڪ ۾ تعليم جي معيار کي يقيني بنائڻ لاءِ سخت قدم شامل ڪيا ويا آهن جن ۾ استادن لاءِ ڊجيٽل تدريس جي لازمي تربيت، محفوظ لرننگ مئنجمينٽ سسٽم جو استعمال، سائبر سيڪيورٽي جي گهرجن، مسلسل تعليمي نگراني، قومي نصاب سان هڪجهڙائي، امتحاني نظام جي معيار، شاگردن جي فلاح ۽ بهبود ۽ ڊيٽا جي تحفظ جا قدم، ان کان علاوه مؤثر نگراني ۽ تعميل کي يقيني بنائڻ لاءِ پيرا کي ريڊ اونلي پهچ فراهم ڪرڻ شامل آهي. ان پاليسي ۾ پرائمري، مڊل، سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري سطح تي ورچوئل تعليم لاءِ ڌار ڌار ريگيوليٽري معيار به مقرر ڪيا ويا آهن، جن ۾ استاد جي اهليت، اسڪرين ٽائيم جي حد، انتخابي طريقيڪار، عملي سرگرمين جي انتظامن ۽ مانيٽرنگ جا مؤثر نظام شامل آهن ته جيئن آن لائن تعليم جو معيار روايتي معياري تعليمي ادارن جي برابر برقرار رکي سگهجي. ڊاڪٽر غلام علي ملاح چيو ته ان فريم ورڪ جي منظوري پاڪستان جي تعليمي نظام کي ذميداراڻي انداز ۾ ڊجيٽل رُخن تي آڻڻ طرف هڪ اهم اڳڀرائي آهي. هن چيو ته جيتوڻيڪ فيڊرل بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن پهرين ئي آن لائن اسڪولن جي شاگردن جي امتحانن جو بندوبست ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ان شعبي ۾ معيار، شفافيت، احتساب ۽ هڪجهڙائيءَ کي يقيني بنائڻ لاءِ هڪ جامع ريگيوليٽري پاليسي جي سخت ضرورت آهي. هن وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وزارت جو خاص شڪريو ادا ڪندي چيو ته ان اهم پاليسي دستاويز جي تياريءَ ۾ وزارت جي مسلسل رهنمائي، حوصله افزائي ۽ هر سطح تي سهڪار اهم حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته وزارت جو ويزن ۽ ڀرپور سهڪار شاهدين تي ٻَڌل تعليمي سڌارن ۽ ڊجيٽل تبديليءَ کي هٿي وٺرائڻ ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چي ته اهو ريگيوليٽري فرم ان عزم جو مظهر آهي ته آءِ سي ٽي پيرا تعليمي شعبي ۾ جدت کي مؤثر گورننس، اعليٰ معيار، شفافيت ۽ شاگردن جي تحفظ سان هم آهنگ ڪندي پاڪستان ۾ سڀني لاءِ جامع، آسان پهچ ۽ مستقبل جي گهرجن سان هم آهنگ تعليمي موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو.

مزید خبریں