اسحاق ڊار جي صدارت ۾ او آءِ سي جي عورتن بابت نائين وزارتي ڪانفرنس جي تيارين جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اعلى سطحي ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد ۔ 10 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 12 ۽ 13 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي عورتن بابت نائين وزارتي ڪانفرنس جي تيارين جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اعلى سطحي ڪميٽي جي اٺين اجلاس جي صدارت ڪئي. جمعي ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب اجلاس ۾ ڪانفرنس جي حتمي تيارين جو تفصيلي جائزو ورتو …

اسلام آباد ۔ 10 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 12 ۽ 13 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي عورتن بابت نائين وزارتي ڪانفرنس جي تيارين جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اعلى سطحي ڪميٽي جي اٺين اجلاس جي صدارت ڪئي. جمعي ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب اجلاس ۾ ڪانفرنس جي حتمي تيارين جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. انساني حقن واري سيڪريٽري ڪانفرنس جي پروگرام، غيرملڪي وفدن جي سهولت، پروٽوڪول، سيڪيورٽي، لاجسٽڪس، ميڊيا انتظامن ۽ بين الوزارتي رابطن بابت ڪيل انتظامن تي جامع بريفنگ ڏني ته جيئن ڪانفرنس جو انعقاد خوش اسلوبي ۽ ڪاميابي سان يقيني بڻائي سگهجي. نائب وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن جي محنت ۽ ڪوششن کي ساراهيندي هدايت ڪئي ته سڄي دنيا مان ان اهم ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ ايندڙ وفدن جي قيام کي هر ممڪن حد تائين آرامده ۽ خوشگوار بڻايو وڃي ۽ انهن کي پاڪستاني مهمان نوازي جي بهترين روايت موجب ڀرپور استقبال ۽ سهولتون فراهم ڪيون وڃن. اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، پرڏيهي سيڪريٽري، انساني حقن واري سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل وزارتن جي ٻين اعلى عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں