گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي جي اميدوار ميڪي سال سان ملاقات ۾ گڏيل قومن جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد ۔ 10 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گهڻ رخي نظام، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ مضبوط گڏيل قومن جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. جمعي ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي جي اميدوار ميڪي سال جي اسلام آباد ۾  آجيان ڪرڻ منهنجي لاءِ خوشي جوڳي هئي. …

اسلام آباد ۔ 10 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گهڻ رخي نظام، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ مضبوط گڏيل قومن جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. جمعي ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي جي اميدوار ميڪي سال جي اسلام آباد ۾  آجيان ڪرڻ منهنجي لاءِ خوشي جوڳي هئي. وزيراعظم چيو ته ملاقات دوران هن گهڻ رخي نظام، گڏيل قومن جي منشُور ۽ هڪ مضبوط گڏيل قومن جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪو امن، ترقي ۽ انساني حقن جي متوازن فروغ جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري. وزيراعظم چيو ته هن ميڪي سال پاران گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي ڊگهي مدي وارين خدمتن ۽ ڳالهه ٻولهه، سفارتڪاري ۽ عالمي امن جي فروغ جي لاءِ اسان جي مسلسل ڪوششن کي ساراهڻ ۽ ان جي اعتراف تي پڻ ان جا ٿورا ادا ڪيا.

مزید خبریں