وزيراعظم پاران گهڻ رخي نظام، گڏيل قومن جي منشُور ۽ اهڙي مضبوط گڏيل قومن جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ

اسلام آباد ۔ 10 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گهڻ رخي نظام، گڏيل قومن جي منشُور ۽ اهڙي مضبوط گڏيل قومن جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي جيڪو امن ۽ سلامتي، ترقي ۽ انساني حقن جي فروغ ۾ متوازن ڪردار ادا ڪري. جمعي ڏينهن ايڪس تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي جي لاءِ اميدوار ربيڪا …

اسلام آباد ۔ 10 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گهڻ رخي نظام، گڏيل قومن جي منشُور ۽ اهڙي مضبوط گڏيل قومن جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي جيڪو امن ۽ سلامتي، ترقي ۽ انساني حقن جي فروغ ۾ متوازن ڪردار ادا ڪري. جمعي ڏينهن ايڪس تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي جي لاءِ اميدوار ربيڪا گرينسپين جي اسلام آباد ۾ آجيان ڪندي کيس تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. وزيراعظم ملاقات دوران گهڻ رخي نظام، گڏيل قومن جي منشور ۽ اهڙي مضبوط گڏيل قومن جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪو امن ۽ سلامتي، ترقي ۽ انساني حقن جي فروغ ۾ متوازن ڪردار ادا ڪري. هن عالمي ترقياتي ايجنڊا تي تيز رفتاري سان عملدرآمد جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ۽ پاڪستان جي گڏيل قومن جي لاءِ ڊگهي مدي واري خدمتن ۽ خطي ۾ امن جي فروغ جي لاءِ تازين ڪوششن کي ساراهڻ تي ربيڪا گرينسپين جا ٿورا ادا ڪيا.

مزید خبریں