نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ۽ ڪروشيا جي پرڏيهي ۽ يورپي معاملن واري وزير ڊاڪٽر گورڊن گرليچ ريڊمين جي وچ ۾ ملاقات، گڏيل پڌرنامي ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ

اسلام آباد - 09 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ڪروشيا جي پرڏيهي ۽ يورپي معاملن واري وزير ڊاڪٽر گورڊن گرليچ ريڊمين جي وچ ۾ ملاقات جي گڏيل پڌرنامي ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو آهي. ٻنهي ملڪن ان کي پاڪستان – ڪروشيا لاڳاپن ۾ نئين رفتار پيدا ڪرڻ جو اهم موقعو قرار ڏنو …

اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ڪروشيا جي پرڏيهي ۽ يورپي معاملن واري وزير ڊاڪٽر گورڊن گرليچ ريڊمين جي وچ ۾ ملاقات جي گڏيل پڌرنامي ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو آهي. ٻنهي ملڪن ان کي پاڪستان – ڪروشيا لاڳاپن ۾ نئين رفتار پيدا ڪرڻ جو اهم موقعو قرار ڏنو ۽ اعلى سطحي رابطن کي باقاعدگي سان جاري رکڻ ۽ واپار، سيڙپڪاري، ترقي، موسمياتي تبديلي، سياحت، بنيادي ڍانچي، آءِ ٽي، بندرگاهي تعاون ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل مفاد تي ٻڌل حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي ڪروشيا جي پرڏيهي ۽ يورپي معاملن واري وزير ڊاڪٽر گورڊن گرليچ ريڊمين 9 جولاءِ 2026ع تي اسلامي جمهوريه پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پرڏيهي وزارت اسلام آباد ۾ ڊاڪٽر گورڊن گرليچ ريڊمين جو استقبال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي ڌرين دوستاڻي ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان ڳالهه کي ساراهيندي ته اهو ڪروشيا پاران پرڏيهي وزير جي سطح تي پاڪستان جو پهريون اعلى سطحي دورو آهي، ٻنهي ملڪن ان کي پاڪستان – ڪروشيا لاڳاپن ۾ نئين رفتار پيدا ڪرڻ جو اهم موقعو قرار ڏيندي اعلى سطحي رابطن کي باقاعدگي سان جاري رکڻ ۽ واپار، سيڙپڪاري، ترقي، موسمياتي تبديلي، سياحت، بنيادي ڍانچي، آءِ ٽي، بندرگاهي تعاون ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل مفاد تي ٻڌل حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن سفارتي پاسپورٽ رکندڙن جي لاءِ ويزا ڇوٽ جي معاهدي ۽ ٻنهي ملڪن جي سفارتي تربيتي اڪيڊمين جي وچ ۾ تعاون جي مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تي جلد صحيحون ۽ ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ پاڪستان ۾ ڪروشيا جي ويزا پراسيسنگ سهولت قائم ڪرڻ جي لاءِ ضروري ڪارروائي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پنهنجي قومي قانونن ۽ ضابطن موجب ڪروشيا پاران مقرر ڪيل ٻاهرئين سروس فراهم ڪندڙن کي پنهنجون ذميواريون آزاداڻي طور تي سرانجام ڏيڻ جي اجازت ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪيو. انهن قدمن سان ويزا جي عمل ۾ آساني ۽ عوامي رابطن ۽ سفري مٽاسٽا کي فروغ ملڻ جي اميد آهي. ٻنهي ڌرين ان ڳالهه جي توثيق ڪئي ته ٻنهي پرڏيهي وزارتن جي وچ ۾ پهرين جون 2027ع تي زغرب ۾ صحيحون ٿيل ٻطرفي سياسي مشاورت جي مفاهمتي يادداشت سمورن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ هڪ موثر پليٽ فارم فراهم ڪري ٿي. هنن ان طريقيڪار مان ڀرپور فائدو کڻڻ، باقاعده رابطو برقرار رکڻ ۽ مفاهمتي يادداشت موجب وقت بوقت مشاورتي اجلاس منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ڪروشيا 2026ع جي آخري ٽه ماهي يا 2027ع جي پهرين ٽه ماهي ۾ پاڪستان ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جي اجلاس جي ميزباني جي پاڪستاني آڇ قبول ڪري ورتي جڏهن ته حتمي تاريخون سفارتي ذريعن سان طئي ڪيون وينديون. ٻنهي ملڪن اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ، واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ ۽ گڏيل مفاد جي نئين شعبن ۾ تعاون جا امڪان ڳولڻ تي اتفاق ڪيو. ان ڏس ۾ ٻنهي هڪ ٻئي جي منڊين تائين بهتر پهچ ۽ ڪاروباري ادارن جي وچ ۾ رابطا مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. آءِ ٽي، ڊيجيٽل خدمتن، زراعت، دفاع ۽ سامونڊي تعاون کي خصوصي اهميت ڏني وئي. ٻنهي ملڪن پنهنجي جاگرافيائي ۽ اسٽريٽجڪ اهميت کي نظر ۾ رکندي رابطاڪاري ۽ لاجسٽڪس جي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ ڪروشيا جي بندرگاهن کي يورپي منڊين جي داخلي رستي ۽ پاڪستان جي بندرگاهن کي چين، اولهه ايشيا، وچ ايشيا ۽ وسيع تر خطي تائين پهچ جي مرڪزن جي طور تي استعمال ڪرڻ جا امڪان پڻ شامل هئا. نائب وزيراعظم يورپي يونين جي جي ايس پي پلس اسڪيم جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته ان جو تسلسل نه رڳو معاشي لحاظ کان پر سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ پڻ انتهائي ڪارائتو آهي. پاڪستان يورپي يونين جي لاڳاپيل فريم ورڪ تحت تعاون جاري رکڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. ڪروشيا يورپي يونين جي نئين جي ايس پي پلس ضابطي تحت پاڪستان جي ٻيهر درخواست ڏيڻ ۾ دلچسپي جو نوٽيس ورتو. ٻنهي ڌرين هجرت ۽ افرادي قوت جي چرپر جي شعبي ۾ وڌندڙ تعاون کي ساراهيو. محفوظ، منظم ۽ قانوني هجرت جي فروغ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي هنن ڪروشيا ۾ پاڪستاني هنرمند افرادي قوت جي لاءِ قانوني موقعن جي موجودگي کي تسليم ڪيو ۽ مستقبل ۾ ان حوالي سان وڌيڪ ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ تي راضپو ظاهر ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ثقافت، تعليم، سائنس ۽ تحقيق جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ، تعليمي مٽاسٽا ۽ يونيورسٽين ۽ تحقيقي ادارن جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. پارلياماني رابطن جي اهميت تي زور ڏيندي پنهنجي مقننه جي وچ ۾ تعاون ۽ مٽاسٽا جي حوصلا افزائي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ملڪن گڏيل قومن سميت عالمي فورمز تي هڪ ٻئي جي حمايت کي ساراهيو ۽ مختلف عالمي ادارن ۾ هڪ ٻئي جي اميدوارين جي حمايت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. هنن گهڻ رخي فورمز تي گڏيل دلچسپي جي معاملن تي مشاورت جاري رکڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي بريفنگ ڏني جڏهن ته ڪروشيا يوڪرين جي موجوده صورتحال کان آگاهه ڪيو. ٻنهي ملڪن عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي منشور جي مڪمل احترام سان پرامن حل جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي اولهه بلقان جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن افغانستان جي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. هنن افغانستان ۾ دهشتگرد تنظيمن جي مسلسل موجودگي ۽ پاڙيسري ملڪن جي خلاف انهن جي ڪاررواين تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغان سرزمين ڪنهن به ملڪ جي خلاف استعمال ٿيڻ نه گهرجي. هنن افغان طالبان رجيم کان مطالبو ڪيو ته اها افغانستان ۾ موجود سمورن دهشتگرد گروهن جي خلاف بنا ڪنهن فرق جي، ٺوس ۽ تصديق جوڳا قدم کڻي. ٻنهي اڳواڻن افغانستان ۾ انساني حقن خاص طور تي عورتن ۽ ٻارڙين جي حقن جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي پڻ ڳڻتي ظاهر ڪئي. نائب وزيراعظم آمريڪا – ايران تڪرار ۾ پنهنجي ثالثي جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. ڪروشيا پاڪستان جي ثالثي ڪردار کي ساراهيو جنهن جي نتيجي ۾ 17 جون 2026ع تي تاريخي اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ٿيون ۽ بعد ۾ ڳالهه ٻولهه جي شروعات ممڪن ٿي. ٻنهي ڌرين والاريل فلسطيني علائقن جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ غزه ۾ جنگ جي خاتمي جي لاءِ عالمي ڪوششن جي آجيان ڪئي. هنن جنگبندي تي مڪمل عملدرآمد، انساني امداد جي محفوظ، فوري ۽ بنا رڪاوٽ فراهمي ۽ مستقل جنگبندي جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي ڌرين عالمي قانون، گڏيل قومن جي منشور ۽ لاڳاپيل قراردادن موجب ٻه رياستي حل جي بنياد تي پائيدار امن جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ملڪن عالمي منظرنامي ۾ ٿيندڙ تبديلين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي گهڻ رخي نظام کي مضبوط بڻائڻ، گڏيل قومن جي منشور جي مقصدن ۽ اصولن جي پاسداري ۽ عالمي امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي فروغ جي گڏيل عزم جو اظهار ڪيو. ان ڏس ۾ هنن رياستن جي خودمختياري، علائقائي سالميت، عدم مداخلت، تڪرارن جي پرامن حل ۽ گڏيل قومن جي منشور سان متصادم طاقت جي استعمال يا ان جي ڌمڪي کان پاسو ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ڊاڪٽر گورڊن گرليچ ريڊمين نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ پاڪستان جي عوام جا شاندار ميزباني تي ٿورا ادا ڪيا. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اها دوستاڻي ۽ ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ايندڙ سالن ۾ گڏيل خوشحالي ۽ مضبوط لاڳاپن جي فروغ جو سبب بڻجندي.

مزید خبریں