پاڪستان سڀ کان مٿانهون، سياسي اختلافن کان مٿانهون ٿي قومي مفادن کي ترجيح ڏيڻي پوندي، سمنڊ پار پاڪستاني 2035ع تائين هڪ ٽريلين ڊالرن جي معيشت جي هدف ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا: احسن اقبال

سان فرانسسڪو-09 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان سڀ کان مٿانهون آهي، سياسي اختلافن کان مٿانهون ٿي قومي مفادن کي ترجيح ڏيڻي پوندي، سمنڊ پار پاڪستاني 2035ع تائين هڪ ٽريلين ڊالرن جي معيشت جي هدف ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. خميس ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب اُتر ڪيليفورنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني برادريءَ جي مانُ ۾ منعقد …

سان فرانسسڪو-09 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان سڀ کان مٿانهون آهي، سياسي اختلافن کان مٿانهون ٿي قومي مفادن کي ترجيح ڏيڻي پوندي، سمنڊ پار پاڪستاني 2035ع تائين هڪ ٽريلين ڊالرن جي معيشت جي هدف ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. خميس ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب اُتر ڪيليفورنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني برادريءَ جي مانُ ۾ منعقد تعارفي ناشتي جي ويهڪ کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان جي اصل سُڃاڻپ ڪا پارٽي نه پر پاڪستان سان آهي. پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني هڪ جهنڊي هيٺان متحد ٿي ملڪ جي مثبت سُڃاڻپ اجاگر ڪن. هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني روانگي واپار جا سفير بڻجن، سيڙپڪاري، علم ۽ ٽيڪنالاجي ذريعي وطن جي ترقيءَ ۾ حصو وجهن ۽ 2035ع تائين هڪ ٽريلين ڊالر معيشت جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي معاشي خودمختياريءَ جو دارومدار روانگي واپار ۾ غير معمولي واڌ تي آهي، 2035ع تائين 100 ارب ڊالرن کان وڌيڪ روانگي واپار جو هدف قومي معاشي خودمختياريءَ جي ضمانت آهي. هن چيو ته آمريڪا پاڪستان جي سڀ کان وڏي روانگي واپار جي منڊي آهي ۽ سمنڊ پار پاڪستاني مضبوط واپاري پُل بڻجي سگهجن ٿا، اُڏام پاڪستان جو مقصد پاڪستان کي پائيدار ۽ علم تي ٻَڌل معيشت بنائڻ آهي. وفاقي وزير چيو ته نوجوانن کي ڊجيٽل مهارتن سان تيار ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان حڪومت نوجوانن کي مصنوعي ذهانت ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي عالمي انقلاب لاءِ تيار ڪري رهي آهي. اي آءِ، سائبر سيڪيورٽي، بگ ڊيٽا، روبوٽڪس ۽ جينومڪس مستقبل جي معيشت جو بنياد آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ قائم ڪيو پيو وڃي، آمريڪا پاڪستان ناليج ڪوريڊور ذريعي عالمي معيار جون انساني صلاحيتون تيار ڪيون پيون وڃن. دنيا جا ناليوارا تعليمي ادارا حصيداريءَ سان پاڪستان جي ترقيءَ کي نئين رفتار ڏيندا. هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني پنهنجي صلاحيت، تجربي، سيڙپڪاري ۽ عالمي رابطن سان قومي ترقي ۾ مؤثر ڪردار ادا ڪن، هر پاڪستاني اُڏام پاڪستان جي قومي مشن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. دنيا اسان کي سياسي وابستگين سان نه پر پاڪستاني سُڃاڻپ سان سُڃاڻي ٿي، پاڪستان جو وقار ۽ مثبت سُڃاڻپ اسان سڀني جي گڏيل ذميداري آهي، ٽيم پاڪستان جي جذبي سان متحد ٿي ئي ترقي ۽ خوشحالي جو خواب پورو ڪري سگهجي ٿو. اُڏام پاڪستان تحت روانگي واپار، جدت، جديد ٽيڪنالاجي ۽ انساني وسيلن جي ترقيءَ کي قومي ترجيح ڏني پئي وڃي. ان موقعي تي اُتر ڪيليفورنيا جي پاڪستاني برادري پاڪستان جي ترقيءَ لاءِ سيڙپڪاري، علم ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم کي ورجايو. تقريب جي شرڪت ڪندڙن پاڪستان سڀ کان مٿانهون جي پيغام کي ڀرپور ساراهيو ۽ قومي ترقيءَ ۾ حصيداريءَ جي عزم کي ورجايو.

مزید خبریں