آزاد، مؤثر ۽ عوام دوست عدليه قانون جي حڪمراني ۽ پائيدار ترقيءَ جو بنياد آهي: چيف جسٽس آف پاڪستان

اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته آزاد، مؤثر ۽ عوام دوست عدليه قانون جي حڪمراني ۽ پائيدار ترقيءَ جو بنياد آهي جڏهن ته عدالتي ادارن کي ٽياڪڙي، انصاف تائين رسائي، عدالتي تربيت ۽ بنيادي حقن جي تحفظ جهڙن شعبن ۾ عالمي تعاون ۽ بهتر تجربن مان فائدو کڻڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ آف …

اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته آزاد، مؤثر ۽ عوام دوست عدليه قانون جي حڪمراني ۽ پائيدار ترقيءَ جو بنياد آهي جڏهن ته عدالتي ادارن کي ٽياڪڙي، انصاف تائين رسائي، عدالتي تربيت ۽ بنيادي حقن جي تحفظ جهڙن شعبن ۾ عالمي تعاون ۽ بهتر تجربن مان فائدو کڻڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ مسلم ورلڊ ليگ جي جنرل سيڪريٽري شيخ ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسي سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ مسلم ورلڊ ليگ جو اعليٰ سطحي وفد، پاڪستان ۾ سعودي عرب جو سفير نواف بن سعيد المالڪي ۽ پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. چيف جسٽس پاڪستان مسلم ورلڊ ليگ جي بين المذاهب ۽ بين الثقافتي ڳالهين، اسلام جي حقيقي تعليم کي هٿي وٺرائڻ، انتهاپسندي ۽ اسلاموفوبيا خلاف ڪوششن ۽ مسلم دنيا ۾ انساني همدردي جي خدمتن کي ساراهيو. هن شيخ ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسي جي اڳواڻيءَ کي گڏيل احترام، گڏيل پُرامن بقا ۽ گڏيل انساني قدرن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم قرار ڏنو. چيف جسٽس وفد کي سپريم ڪورٽ ۾ جاري سڌارا جاتي ايجنڊا کان آگاهه ڪندي ٻُڌايو ته انصاف تائين آسان رسائي، اداره جاتي شفافيت، عدالتي نظام ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ عوامي اعتماد کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا پيا وڃن. ملاقات دوران ٻنهي طرفان ضلعي عدليه جي آفيسرن ۽ فني عملي جي مٽاسٽ جي پروگرامن سميت پيشيوراڻي تعاون جي مختلف امڪانن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ته جيئن عملي جي سگهه ۾ واڌ، گڏيل سکڻ ۽ عدالتي انتظام جي بهترين طريقيڪار مان فائدو کڻي سگهجي. شيخ ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسي سپريم ڪورٽ جي سڌارا جاتي ڪوششن کي ساراهيندي مسلم ورلڊ ليگ جي انصاف، رواداري، پُرامن، گڏيل بقا ۽ انساني همدرديءَ کي هٿي وٺرائڻ جي عزم کي ورجايو. ٻنهي ڌُرين انصاف، انساني وقار، سماجي هم آهنگي ۽ قانون جي حڪمرانيءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اداره جاتي تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں