اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاليسين جو تسلسل، پائيدار امن، مصنوعي ذهانت، جدت طرازي ۽ اقتصادي سفارتڪاري پاڪستان جي معاشي مستقبل جا بنيادي ٿنڀ آهن، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني قومي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. خميس تي رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وزارت مان جاري بيان موجب پنهنجي ڪيليفورنيا …
پاليسين جو تسلسل، پائيدار امن، مصنوعي ذهانت، جدت طرازي ۽ اقتصادي سفارتڪاري پاڪستان جي معاشي مستقبل جا بنيادي ٿنڀ آهن: احسن اقبال

مزید خبریں
اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاليسين جو تسلسل، پائيدار امن، مصنوعي ذهانت، جدت طرازي ۽ اقتصادي سفارتڪاري پاڪستان جي معاشي مستقبل جا بنيادي ٿنڀ آهن، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني قومي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. خميس تي رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وزارت مان جاري بيان موجب پنهنجي ڪيليفورنيا جي دؤري دوران پاڪستاني ڪميونٽيءَ کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستاني ڪميونٽيءَ سان ملاقات ۾ ملڪ جي معاشي مستقبل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني علم، سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي ذريعي پاڪستان جي ترقيءَ ۾ مؤثر ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته سمورن اختلافن کان مٿانهون ٿي ”سڀ کان پهرين پاڪستان“ جي جذبي کي هٿي ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي. هن چيو ته ”اوپن“ جي بورڊ ميمبرن سان ملاقات ۾ پاڪستان جي معيشت، ٽيڪنالاجي ۽ ڪاروباري ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مختلف قدمن تي اتفاق ڪيو ويو. هن چيو ته اقتصادي سفارتڪاريءَ کي وڌيڪ مؤثر بڻائيندي پاڪستاني سفارتي مشنز کي واپار، روانگي واپار ۽ ٽيڪنالاجي تعاون کي هٿي ڏيڻ جو مرڪز بڻايو ويندو. احسن اقبال چيو ته نوجوانن کي مصنوعي ذهانت ۽ جديد ڊجيٽل مهارتن سان تيار ڪرڻ لاءِ مشاورتي گروپس قائم ڪيا ويا آهن، جڏهن ته تعليمي نصاب کي به مستقبل جي گهرجن سان هم آهنگ ڪيو ويندو. هن چيو ته سليڪون ويلي ۽ پاڪستان جي نيشنل انوويشن سينٽرز وچ ۾ حصيداريءَ ذريعي پاڪستاني اسٽارٽ اپس کي عالمي مارڪيٽن تائين رسائي فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته پاڪستاني انجنيئرز ۽ آءِ ٽي ماهر عالمي معيار جون صلاحيتون رکندڙ آهن ۽ انهن جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو ورتو ويندو. وفاقي وزير چيو ته پلگ اينڊ پلي جي پاڪستان ۾ شروعات جي راهه هموار ڪرڻ لاءِ ليٽر آف انٽينٽ تي صحيحون ڪيون ويون آهن. ان حصيداريءَ تحت اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ کي انوويشن هبز طور تي هٿي ڏني ويندي، جڏهن ته ملڪ جي ناليواري يونيورسٽين جي 300 اسٽارٽ اپس کي عالمي معيار جي ايڪسيليريشن پروگرامن سان ڳنڍيو ويندو. هن چيو ته ان حصيداريءَ ذريعي پاڪستاني اسٽارٽ اپس کي سڄي دنيا جي 600 کان وڌيڪ عالمي ڪمپنين سان رابطي ۽ تعاون جا موقعا ميسر ايندا، جنهن سان پاڪستان جي ٽيڪنالاجيءَ تي ٻَڌل معيشت کي هٿي ملندي.









