آمريڪا ۾ پي ٽي آءِ جو سياسي ڊرامو بُريءَ طرح ناڪام، سوشل ميڊيا جو گوڙ هميشه زميني حقيقتن ۽ عوامي حمايت جي عڪاسي نٿو ڪري: پروفيسر احسن اقبال

اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته سان فرانسسڪو ۾ پي ٽي آءِ جو ڊرامو بريءَ طرح ناڪام ٿيو، جنهن سان هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ٿي ويو ته سوشل ميڊيا جو گوڙ هميشه زميني حقيقتن ۽ عوامي حمايت جي عڪاسي نٿو ڪري. خميس ڏينهن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وفاقي وزير چيو …

اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته سان فرانسسڪو ۾ پي ٽي آءِ جو ڊرامو بريءَ طرح ناڪام ٿيو، جنهن سان هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ٿي ويو ته سوشل ميڊيا جو گوڙ هميشه زميني حقيقتن ۽ عوامي حمايت جي عڪاسي نٿو ڪري. خميس ڏينهن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته الحمدلله! سان فرانسسڪو ۾ اسان جي پروگرامن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پي ٽي آءِ جون ڪوششون ۽ منصوبو بريءَ طرح ناڪام ٿي ويو، پنجن مختلف رياستن مان ڪارڪنن کي جمع ڪرڻ جي اپيل باوجود صرف آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو پهچي سگهيا. گهربل انگ مليو ۽ نه ئي عوامي موٽ نتيجي طور احتجاج ڪجهه منٽن ۾ ختم ڪيو ويو، جڏهن ته اسان جو پروگرام هڪ باوقار، پرجوش ۽ ڀرپور ڪاميابيءَ سان منعقد ٿيو. هن چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر اهو ثابت ٿي ويو ته سوشل ميڊيا جو گوڙ هميشه زميني حقيقتن ۽ عوامي حمايت جي عڪاسي نٿو ڪري. احسن اقبال ايڪس تي پنهنجي اڪائونٽ تي وڊيو پڻ شيئر ڪئي.

مزید خبریں