حقيقيت پسنداڻو مينڊيٽ ۽ گهربل وسيلا امن مشنز جي ڪاميابي لاءِ ضروري آهن : گهرو وزير جون گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات ۾ ڳالهيون

نيويارڪ -09 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ علائقائي صورتحال ۽ عالمي معاملن ، اولهه ايشيا جي تڪرار جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ٽياڪڙي وارين ڪوششن سان گڏو گڏ گڏيل قومن جي امن جي قيام خاص طور تي پاڪستان جي لازوال خدمت تي به ڳالهيون ڪيون. گهرو وزارت …

نيويارڪ -09 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ علائقائي صورتحال ۽ عالمي معاملن ، اولهه ايشيا جي تڪرار جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ٽياڪڙي وارين ڪوششن سان گڏو گڏ گڏيل قومن جي امن جي قيام خاص طور تي پاڪستان جي لازوال خدمت تي به ڳالهيون ڪيون. گهرو وزارت جي ترجمان مطابق ملاقات ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان جي امن لاءِ ڪوششن کي ساراهيو. ان موقعي تي گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ هو ته چئلينجز باوجود وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۽ انساني حياتين جي تحفظ لاءِ ذميواري سان ڪردار ادا ڪيو . سندس چوڻ هو ته حقيقت پسنداڻو مينڊيٽ ۽ گهربل وسيلا سموري امن مشنز جي ڪاميابي لاءِ ضروري آهن . گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل عالمي امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ جي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن جي امن جي قيام ۾ پاڪستان جي سهڪار تي ٿورا مڃيا.

مزید خبریں