پاڪستان ۾ جديد ٽيڪنالاجي، صنعتي شعبي ۽ خاص اقتصادي زونز ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جا موقعا تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن: قيصر احمد شيخ

اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي) سيڙپڪاري بابت وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته پاڪستان ۾ جديد ٽيڪنالاجي، صنعتي شعبي ۽ خاص اقتصادي زونز ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جا موقعا تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن، عالمي سيڙپڪار پاڪستان جي اُڀرندڙ معاشي صلاحيت تي اعتماد جو اظهار ڪري رهيا آهن. هن اها ڳالهه برطانيه چين فنڊ جي هڪ اعليٰ سطح جي وفد سان ملاقات دوران چئي، جنهن ۾ سيڙپڪاري، جديد …

اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي) سيڙپڪاري بابت وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته پاڪستان ۾ جديد ٽيڪنالاجي، صنعتي شعبي ۽ خاص اقتصادي زونز ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جا موقعا تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن، عالمي سيڙپڪار پاڪستان جي اُڀرندڙ معاشي صلاحيت تي اعتماد جو اظهار ڪري رهيا آهن. هن اها ڳالهه برطانيه چين فنڊ جي هڪ اعليٰ سطح جي وفد سان ملاقات دوران چئي، جنهن ۾ سيڙپڪاري، جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻ ۽ صنعتي سهڪار بابت مختلف معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران وفد پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي پارڪس، پاڪستان اسٽيل ملز، ليٿيم ٽيڪنالاجي، ڪراچيءَ ۾ صنعتي سيڙپڪاري ۽ جديد مينيوفيڪچرنگ جي شعبن ۾ گهري دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. وفد جو چوڻ هو ته پاڪستان ڪمپيوٽر چپ پيڪيجنگ، سيمي ڪنڊڪٽرز ۽ گرين انرجي چارجرز جي تياريءَ لاءِ هڪ موزون ۽ پرڪشش سيڙپڪاريءَ جي منزل بڻجي سگهي ٿو. وفاقي وزير چيو ته حڪومت سيڙپڪاري دوست پاليسين ذريعي پرڏيهي سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏئي رهي آهي ۽ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. ان موقعي تي بورڊ آف انويسٽمينٽ سيڙپڪاريءَ ۾ موجود رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ، ڪاروباري ماحول کي وڌيڪ سازگار بنائڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي مؤثر سهولتون فراهم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں