ڪوئيٽا - 09 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو. خميس ڏينهن هتي پهچڻ تي بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل، بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ۽ اعلى سول ۽ عسڪري عملدارن وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم ڪوئيٽا ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان اعلى سطحي اجلاس جي صدارت ڪندو. اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان …
وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو

مزید خبریں
ڪوئيٽا – 09 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو. خميس ڏينهن هتي پهچڻ تي بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل، بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ۽ اعلى سول ۽ عسڪري عملدارن وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم ڪوئيٽا ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان اعلى سطحي اجلاس جي صدارت ڪندو. اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن.











