اسلام آباد- 09 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ڪروشيا جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، سياحت ۽ هنرمند ماڻهن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا گڏيل احترام، خير سگالي ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل آهن. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ …
وزيراعظم پاران ڪروشيا سان مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد- 09 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ڪروشيا جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، سياحت ۽ هنرمند ماڻهن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا گڏيل احترام، خير سگالي ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل آهن. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، هن اهڙن خيالن جو اظهار جمهوريه ڪروشيا جي پرڏيهي ۽ يورپي معاملن جي وزير ڊاڪٽر گورڊن گرلچ ريڊمين سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ پڻ موجود هُئا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ڪروشيا جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا گڏيل احترام، خير سگالي ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل آهن. وزيراعظم پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪيو ته واپار ۽ سيڙپڪاري، انفارميشن ٽيڪنالاجي، رابطن، زراعت، سياحت ۽ هنرمند ماڻهن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ڪروشيا جي صدر زوران ميلانوويچ ۽ وزيراعظم آندري پلينڪوويچ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت ڏني. ڪروشيا جي پرڏيهي وزير گرمجوشي سان استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي چيو ته اسلام آباد جو دورو سندس لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن علائقائي امن جي ڪوششن ۾ پاڪستان ۽ ان جي قيادت جي نمايان ڪردار کي ساراهيو ۽ گڏيل دلچسپي جي سڀني شعبن ۾ پاڪستان ۽ ڪروشيا جي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي پنهنجي حڪومت جي خواهش جو اظهار ڪيو.











