اسلام آباد- 09 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مالي سال 26-2025ع ۾ 25-2024ع جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ رقم موڪلڻ تي پرڏيهي پاڪستانين جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته رقم موڪلڻ ۾ 8.6 سيڪڙو اضافو حڪومت جي پاليسين تي پرڏيهي پاڪستانين جي اعتماد جو عڪاس آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران خميس ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم مالي سال 25-2024ع جي ڀيٽ ۾ مالي سال 26-2025ع …
مالي سال 26-2025ع ۾ 25-2024ع جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ رقم موڪلڻ تي پرڏيهي پاڪستانين جا ٿورائتا آهيُون: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد- 09 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مالي سال 26-2025ع ۾ 25-2024ع جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ رقم موڪلڻ تي پرڏيهي پاڪستانين جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته رقم موڪلڻ ۾ 8.6 سيڪڙو اضافو حڪومت جي پاليسين تي پرڏيهي پاڪستانين جي اعتماد جو عڪاس آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران خميس ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم مالي سال 25-2024ع جي ڀيٽ ۾ مالي سال 26-2025ع ۾ وڌيڪ رقم موڪلڻ تي پرڏيهي پاڪستانين جا ٿورا ادا ڪيا آهن. وزيراعظم چيو ته مالي سال 26-2025ع ۾ محب وطن پرڏيهي پاڪستانين 41.6 ارب ڊالر جي رقم موڪلي، جنهن لاءِ هو ٿورائتو آهي. پرڏيهي ناڻي ۾ 8.6 سيڪڙو اضافو سمنڊ پار پاڪستانين جو حڪومت جي پاليسين تي اعتماد جو عڪاس آهي. پرڏيهي پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن. مون سميت پوري قوم کي انهن تي فخر آهي. وزيراعظم چيو ته پرڏيهي پاڪستانين جي ڀلائي لاءِ قدم حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن.











