اسلام آباد - 09 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مادر ملت محترمه فاطمه جناح جي قومي ۽ سياسي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي آزادي جي جدوجهد ۾ محترمه فاطمه جناح جون قدر جوڳيون خدمتون قومي تاريخ جو قابل فخر حصو آهن، هوءَ نوجوان نسل ۽ خاص طور تي عورتن جي لاءِ مشعل راهه ۽ اڻوڻندڙ حالتن ۾ قومي مقصدن جي لاءِ …
مادر ملت محترمه فاطمه جناح نوجوان نسل ۽ خاص طور تي عورتن جي لاءِ مشعل راهه ۽ اڻوڻندڙ حالتن ۾ قومي مقصدن جي لاءِ ثابت قدمي ۽ بي لوث جذبي جي علامت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف جو مادر ملت محترمه فاطمه جناح جي 59هين ورسيءَ جي موقعي تي پيغام
اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مادر ملت محترمه فاطمه جناح جي قومي ۽ سياسي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي آزادي جي جدوجهد ۾ محترمه فاطمه جناح جون قدر جوڳيون خدمتون قومي تاريخ جو قابل فخر حصو آهن، هوءَ نوجوان نسل ۽ خاص طور تي عورتن جي لاءِ مشعل راهه ۽ اڻوڻندڙ حالتن ۾ قومي مقصدن جي لاءِ ثابت قدمي ۽ بي لوث جذبي جي علامت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران مادر ملت محترمه فاطمه جناح جي 59هين ورسيءَ تي جاري پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ پوري قوم پاران مادر ملت محترمه فاطمه جناح جي ورسيءَ تي سندس قومي ۽ سياسي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو، ملڪ جي آزادي جي جدوجهد ۾ محترمه فاطمه جناح جون قدر جوڳيون خدمتون قومي تاريخ جو قابل فخر حصو آهن، قائداعظم محمد علي جناح سان گڏ محترمه فاطمه جناح جي تحريڪ پاڪستان دوران اڻٿڪ ڪوششون، ارڏو ڪردار ۽ مثالي جذبو قومي اثاثو آهي. هن چيو ته محترمه فاطمه جناح نوجوان نسل ۽ خاص طور تي عورتن جي لاءِ مشعل راهه ۽ اڻوڻندڙ حالتن ۾ قومي مقصدن جي لاءِ ثابت قدمي ۽ بي لوث جذبي جي علامت آهي. هن ثابت ڪيو ته عورتون هر قومي مقصد ۾ موثر ۽ تعميري ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته تحريڪ پاڪستان ۾ زندگي جي هر شعبي جي ماڻهن تاريخ لکي ۽ مادر ملت عورتن جي مثالي نمائندگي ڪئي ۽ ٻين عورت اڳواڻن سان گڏجي بهادري سان عملي قيادت ڪئي، ننڍي کنڊ جي عورتن ثابت ڪيو ته سمورين رڪاوٽن کي عبور ڪندي عورتون تحريڪ آزادي ۽ قومي مقصد جي لاءِ نه وسرندڙ ۽ پرزور آواز بڻجي سگهن ٿيون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ به مادر ملت، ملڪ ۽ قوم جي سماجي ۽ سياسي ترقي، معاشرتي هم آهنگي ۽ تعميري ۽ مثبت قدرن جي فروغ جي لاءِ ڪوششون ڪندي رهي، محترمه فاطمه جناح جي بلند درجن لاءِ دعاڳو آهيون، قومي تاريخ ۾ سندس ڪردار ۽ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو.











