اسلام آباد - 09 جولاءِ (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني مادر ملت محترمه فاطمه جناح کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هوءَ جرئت، ديانت ۽ جمهوري قدرن جي روشن علامت هئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب مادر ملت محترمه فاطمه جناح جي 59هين ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته محترمه فاطمه جناح تحريڪ پاڪستان دوران قائداعظم …
مادر ملت محترمه فاطمه جناح جرئت، ديانت ۽ جمهوري قدرن جي روشن علامت هئي: وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني جو مادر ملت محترمه فاطمه جي 59هين ورسيءَ تي پيغام
اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني مادر ملت محترمه فاطمه جناح کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هوءَ جرئت، ديانت ۽ جمهوري قدرن جي روشن علامت هئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب مادر ملت محترمه فاطمه جناح جي 59هين ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته محترمه فاطمه جناح تحريڪ پاڪستان دوران قائداعظم محمد علي جناح سان گڏ ڪردار ادا ڪيو ۽ پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ جمهوريت، آئين جي بالادستي ۽ عوامي حقن جي فروغ ۾ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون. وقتي صدر چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ، عوامي خدمت ۽ قومي يڪجهتي جي لاءِ سندس خدمتون اڄ به پاڪستاني قوم خاص طور تي نوجوان نسل جي لاءِ مشعل راهه آهن. هن نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي محترمه فاطمه جناح جي ديانت، حب الوطني ۽ جمهوري اصولن سان وابستگي کي پنهنجو شعار بڻائين. هن چيو ته قوم سدائين ان جي عوامي خدمت، قومي اتحاد ۽ جمهوري قدرن سان اڻٿڪ وابستگي مان رهنمائي حاصل ڪندي رهندي. سيد يوسف رضا گيلاني دعا ڪئي ته الله تعالى مادر ملت محترمه فاطمه جناح جا درجا بلند فرمائي ۽ قوم کي سندس اعلى نظرين تي قائم رهڻ جي توفيق عطا فرمائي جن جي لاءِ هن پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي.











