اسلام آباد- 09 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ايندڙ سفارتي مصروفيتن جو جائزو وٺڻ لاءِ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ پرڏيهي معاملن واري وزارت جي اعليٰ عملدارن سان اجلاس ٿيو، خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي سياسي ۽ اقتصادي مفادن کي فروغ ڏيڻ لاءِ مڪمل تياري ۽ موثر رابطن جي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس
اسلام آباد- 09 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ايندڙ سفارتي مصروفيتن جو جائزو وٺڻ لاءِ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ پرڏيهي معاملن واري وزارت جي اعليٰ عملدارن سان اجلاس ٿيو، خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي سياسي ۽ اقتصادي مفادن کي فروغ ڏيڻ لاءِ مڪمل تياري ۽ موثر رابطن جي ضرورت آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اقتصادي سفارتڪاري، اسٽريٽجڪ ڀائيوارين، گهڻ طرفي تعاون ۽ علائقائي استحڪام ۽ عالمي امن لاءِ ثابت قدم حمايت تي ٻڌل فعال پرڏيهي پاليسي جي حوالي سان پاڪستان جي عزم کي ورجايو.











