پاڪستان پاران خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار، تڪرار جي ٻيهر وڌڻ ۾ ڪنهن به ڌر جو مفاد نه آهي: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد - 08 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته تڪرار جي ٻيهر وڌڻ ۾ ڪنهن به ڌر جو مفاد نه آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان سمورين ڌرين تي زور ڀري ٿو ته اهي تحمل جو مظاهرو ڪن ۽ اهڙي ڪنهن به قدم کان پاسو ڪن جيڪو خطي جي امن ۽ استحڪا کي وڌيڪ نقصان …

اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته تڪرار جي ٻيهر وڌڻ ۾ ڪنهن به ڌر جو مفاد نه آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان سمورين ڌرين تي زور ڀري ٿو ته اهي تحمل جو مظاهرو ڪن ۽ اهڙي ڪنهن به قدم کان پاسو ڪن جيڪو خطي جي امن ۽ استحڪا کي وڌيڪ نقصان پهچائي سگهي ٿو. خطي ۾ امن جي گڏيل مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ مسلسل رابطن، ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جو ڪو متبادل نه آهي. پاڪستان سمورين ڌرين تي زور ڀري ٿو ته اهي اسلام آباد مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تحت پنهنجي ذميوارين ۽ واعدن جي پاسداري ڪن، جيڪي گڏيل افهام تفهيم، گڏيل احترام ۽ خطي سميت ان کان ٻاهر گڏيل خوشحالي جي لاءِ هڪ پائيدار بنياد جي حيثيت رکن ٿيون. پاڪستان ان سلسلي ۾ پنهنجو تعميري ڪردار جاري رکڻ جي لاءِ تيار آهي.

مزید خبریں